نوشھروفيروز/مورو(نمائندا)وائيس آف نوشھروفيروز ۽ينگ لائرس ڊسٽرڪٽ بار نوشھروفيروز طرفان مورو ۾ قومي ڪارڪنن تي ٿيل تشدد، گرفتارين ۽ سنڌو ڌرياء تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، امتياز حسين ميمڻ، عرفان رضا ممنائي، انصار علي ڪلھوڙو، مشتاق بڙدي، عبدالستار لھراڻي، نعيم کوسو، مختيار تنيو،فاروق ڏنگراج ۽ ٻين چيو تـ حڪومت ھنن اھم اشوز تي ايڪشن نـ کنيو تـ اسان پوري ملڪ ۾ تحريڪ ھلائينداسين،هوڏانهن مورو بار پاران ايڊووڪيٽ قادر ڪورائي،اي ڪي عباسي اياز علي ڪورائي،تھمينا قادر ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ھنن چيو ته پ پ سنڌ جون زمينون نيلام ڪري رھي آهي.