ڪراچي(رپورٽر)ايڊيشنل اينڊ ڊسٽرڪٽ سيشن جج اولهه جي عدالت ۾سرجاڻي ٽائون ٽرڪ ساڙڻ واري ڪيس ۾عدالت چيئرمين مهاجر موومينٽ آف پاڪستان آفاق احمد جي ٽئين ڪيس ۾ به ضمانت منظور ڪري ورتي ،ضمانت منظور ٿيڻ بعد آفاق احمد کي سينٽرل جيل مان آزاد ڪيو ويو، جيل مان آزادي تي ڪارڪنن پاران آفاق احمد جي شاندار آجيان ڪئي، عدالت آفاق احمد خلاف سرجاڻي ٽائون ۾ داخل ڪيس ۾ ضمانت منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.