مصطفيٰ عامر قتل ڪيس: جوابدار ارمغان جي پوليس سهولتڪاري جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جو رمانڊ نه ڏيندڙ اي ٽي سي انتظامي جج کان انتظامي اختيار واپس وٺڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. وقتي پراسيڪيوٽر جنرل موجب عدالت رڪارڊ ٽيمپرنگ جي الزامن کانپوءِ جج کان اختيار واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي آهي. عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر موجب 10 فيبروري تي مجهند 12 وڳي منتظم جج وٽ ڪسٽڊي پيش ڪئي ۽ جج جاچ آفيسر کي 3 ڪلاڪ انتظر ڪرايو، انتظامي جج جاچ آفيسر کي جوابدار جي ميڊيڪل معائني جا زباني حڪم ڏنا جڏهن ته جج وٽ جوابدار جي مختصر رمانڊ جو مناسب طريقيڪار موجود هو. حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو ته انتظامي جج جوابدار جي پوليس رمانڊ سان ميڊيڪل معائني جو حڪم ڏئي سگهي ٿو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ تشدد جي ثبوتن کانپوءِ ئي جاچ خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي، مئجسٽريٽ ۽ انتظامي جج بي ضابطگي جي صورت ۾ هاءِ ڪورٽ کي جوابده آهن. حڪم نامي موجب انتظامي جج جا حڪم هٿ سان نه لکيا ويا پر ٽائپ ٿيل هئا، جج جوابدار جي جسماني رمانڊ جو حڪم ڏنو پر بعد ۾ وائيٽو هڻي رمانڊ کي جڊيشل ڪسٽڊي ڪيو ويو، وقتي پراسيڪيوٽر جنرل ٻڌايو ته رمانڊ وقت جوابدار جو پيءُ منتظم جج جي چيمبر ۾ رهيو. حڪم نامي ۾ چيو ويو ته ڪنهن به ڌر جوائنٽ انٽروگيشن ٽيم ٺاهڻ جي درخواست نه ڪئي هئي، انتظامي جج وٽ اهڙا حڪم جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي، انتظامي جج جو پوليس رمانڊ جي جاءِ جڊيشل رمانڊ جو فيصلو غيرقانوني آهي ۽ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو منتظم جج جو فيصلو اختيارن جي دائري کي اورانگهڻ آهي، ڪيس کي نظر ۾ رکندي مناسب هجي ته جج جا اختيار ڪنهن ٻي عدالت کي ڏنا وڃن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ پراسيڪيوشن اي ٽي سي جي منتظم جج خلاف 4 درخواستون داخل ڪيون هيون.

جوابدار ارمغان جي پوليس سهولتڪاري جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) مصطفيٰ اغوا ۽ قتل ڪيس ۾ گذري ٿاڻي جي اهلڪار جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو. جاچ دوران ارمغان ۽ اهلڪار وچ ۾  رابطي جو رڪارڊ مليو، اهلڪار ناري زوما تي تشدد واري واقعي تي ڪارروائي نه ڪرڻ ۾ به ملوث هو. ڊفينس پوليس ۽ 15 جي ڳنڀير غفلت سامهون آئي. ارمغان زوما تي وحشياڻو تشدد ڪرڻ کانپوءِ پوليس اهلڪار کي فون ڪئي هئي. اسپتال انتظاميا 15 مددگار پوليس کي طلب ڪيو هو، انتظاميا پوليس کي ٻڌايو ته زوما سان زيادتي ٿي آهي ۽ تشدد ڪيو ويو آهي پر پوليس ڳالهيون ڪري هلي وئي ۽ ڪا ڪارروائي نه ٿي. جاچ ذريعن موجب پوليس جوابدار کان پيسا وٺندي هئي. هوڏانهن ڊي آءِ جي سائوٿ اسد رضا موجب، مبينا ملوث اهلڪار خلاف ڪارروائي جاري آهي، اي ايس آءِ نديم خلاف جاچ مڪمل ٿيڻ تي وڌيڪ قدم کنيا ويندا. ٻئي پاسي جوابدار ارمغان جاچ دوران انڪشاف ڪيو ته هن مصطفيٰ کي فلمي انداز ۾ قتل ڪيو. هن مصطفيٰ کي راڊ سان تشدد ڪرڻ کانپوءِ چيو ته ٽاس ڪريان ٿو، تون کٽي وئين ته توکي ڇڏي ڏيندس. پوءِ هن ٽاس هارائڻ يا کٽڻ باوجود مصطفيٰ تي تشدد ڪيو. هن حب ۾ گاڏي جي ڊگي کولي مصطفيٰ کي ڊوڙڻ چيو پر مصطفيٰ اٿي نه سگهيو پوءِ هن وري ٽاس ڪيو ته توکي باهه نه ڏيندس پر پوءِ هن کيس باهه ڏئي ڇڏي.

منشيات نيٽ ورڪ:گذري ٿاڻي جي اي ايس آءِ جا 8 ملڪن ۾ رابطا؟

اسلام آباد(م ڊ)سينئر صحافي نعيم مصطفيٰ چيو آهي ته مصطفيٰ عامر جي قتل ڪيس ڪيترن ئي پردانشينن تان پردا هٽائي  ڇڏيا آهن،ارمغان جي پاڙيسرين کي به خبر نه هئي ته جوابدار ان بنگلي اندر ڇا ڇا ڪندو رهيو آهي،پوش علائقن ۾ پاڙيسرين کان لاتعلقي هڪ عام ڳالهه آهي،40 کان 50 ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڊجيٽل ڪرنسي ۽ منشيات جي نالي تي اتي ڪم ڪري رهيون هيون،پوليس بي خبر هئي،لاڳاپيل ادارا بي خبر هئا،منشيات جو ڌنڌو هاڻي غريب علائقن کان اشرافيه ۾ پهچي چڪو آهي،هن چيو ته ارمغان ۽ مصطفيٰ جو هڪ ٻئي جي گهرن ۾ اچڻ وڃڻ هو،ارمغان جي گهر ۾ هڪ خفيه ڪمرو به هو جنهن ۾ ڪيترائي ڪمپيوٽر لڪايل هئا،هن چيو ته هڪ ناري جيڪا اڄڪلهه آمريڪا ۾ آهي،ان نيوايئر نائيٽ تي  ارمغان جي گهر نه اچڻ تي مصطفيٰ عامر کي فون ڪيو ۽ کيس چيو ته ٽي راتيون مان اتي هئس،مصطفيٰ عامر ارمغان کي فون ڪري کيس اهي ڳالهيون ٻڌايون جنهن تان اهو تڪرار شروع ٿيو،هن چيو ته مصطفيٰ عامر ڪيس ۽ منشيات ڪيس ۾ گرفتار گذري ٿاڻي جي اي ايس آءِ جو 8 ملڪن ۾ ان ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن سان رابطو هو،ان ڪيس ۾ هڪ ناري پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڪرنسي ڊيلر جي سڳي ڀائيٽي آهي،اها ۽ سندس پورو خاندان منشيات سپلاءِ ڪندڙ آهي،ڪيس بعد اي اين ايف هاڻي جاڳي پئي آهي

جاچ مان مطمئن آهيون، خدا ڪندو قاتل کي سزا ملندي: وجيهه عامر

ڪراچي (رپورٽر/م ڊ) مقتول مصطفيٰ عامر جي ماءُ وجيهه عامر چيو آهي ته هو جاچ مان مطمئن آهي، قاتل سامهون اچي ويو آهي، خدا ڪندو کيس سزا ملندي. هوڏانهن منشيات فروشي جي الزام هيٺ گرفتار ساحر حسن جي پيءُ اداڪار ساجد حسن نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سندس ڪم بند ٿي ويو آهي، محلي وارن لاتعلقي ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته جاچ ٿيڻ گهرجي، منشيات معاملي کي مصطفيٰ جي قتل سان نه ڳنڍڻ گهرجي. هوڏانهن منشيات هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ ساحر حسن کي جڊيشل ڪامپليڪس سينٽرل جيل ۾ جڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت  ۾ پيش ڪيو ويو، ايس آءِ يو جوابدار کي پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جاچ مڪمل ناهي ٿي، جسماني رمانڊ ۾ وڌيڪ پنج ڏينهن جي واڌ ڪئي وڃي. وڪيل صفائي ان جي مخالفت ڪئي. عدالت پوليس جي درخواست رد ڪري جاچ آڦيسر کان ڪيس جو چالان طلب ڪري ورتو. ان کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ساحر حسن چيو ته سڀ ڪجهه عدالت ۾ ثابت ٿيندو، هن وقت سڀ الزام آهن.

ساحر حسن 50 ڪروڙن جي منشيات وڪرو ڪئي، سياستدان،ڪامورا،اداڪار به خريدار؟

ڪراچي/اسلام آباد(مهرين سبتين+جاويد چوڌري) اداڪار ساجد حسن جي پٽ ساحر حسن ٻن سالن ۾ 50 ڪروڙن جي منشيات وڪرو ڪئي آهي،اداڪار کان به جاچ ٿيڻ جو امڪان آهي،ڇو ته منشيات جي ڪمائي واري رقم ساجد حسن جي مئنيجر جي اڪائونٽ ۾ ايندي هئي، ساحر حسن اسلام آباد مان ٻن ڀائرن بازل ۽ يحيٰ کان سينپ چيٽ ذريعي (ويد)منشيات گهرائيندو هو،ٻن ڪوريئر ڪمپنين ذريعي منشيات هن وٽ پهچندي هئي، جڏهن ته مصطفيٰ عامر قتل ڪيس ۾ زومان ۽ انجلينا جا بيان رڪارڊ ٿي چڪا آهن،ناري جي بيان مطابق زوما کي ارمغان 31 ڊسمبر تي گهر ۾ گهرائي بدترين تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کيس اگهاڙو ڪري سندس وڊيوز به ٺاهيون،زوما علاج لاءِ اسپتال پهتي ته اتي مددگار پوليس پهتي جنهن سندس بيان رڪارڊ ڪيو ،ناري پاران زيادتي ۽ تشدد جو بيان ڏيڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي، هاڻي ان حوالي سان پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي اهڙي عمل جي جاچ ڪئي پئي وڃي،سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ساجد حسن پنهنجي پٽ تي نظر ڇو نه رکي،هوڏانهن ڪرائم رپورٽر نذير شاهه موجب ساحر حسن منشيات ڪيس ۾ سنڌ جي وڏن سياستدانن، ڪامورن، اداڪارن، اداڪارائن جا نالا به سامهون آيا آهن جن کي منشيات سپلاءِ ڪئي ويندي هئي، ان کان علاوه ارمغان، مصطفيٰ عامر،انجيلينا، زوما، مارشا شاهد، شيراز پاڻ ۾ دوست هئا،گڏجي پارٽيون منعقد ڪندا هئا،ارمغان وڏي وزير ۽ گهرو وزير کان وڌيڪ سيڪيورٽي پروٽوڪول رکندو هو،هن وٽ چاليهه گارڊ ۽ گهر اندر 40 کان وڌيڪ ڪئميرائون رکندو هو،ذريعن موجب هيل تائين به پوليس هن ڪيس ۾ وڌيڪ دلچسپي نه پئي وٺي،ارمغان جي سهولتڪاري ڪندڙ گذري ٿاڻي جي اي ايس آءِ نديم کي اي وي سي سي حراست ۾ ورتو آهي

اعليٰ پوليس عملدار منشيات جا عادي هجڻ جو انڪشاف

اوٽاوا (حنيف دوامي) مصطفيٰ عامر قتل ڪيس کانپوءِ منشيات وڪري ۽ واهپي خلاف ڪارروائي تيز ڪئي وئي آهي جڏهن ته ٻين ايليٽ ڪلاس کانسواءِ اعليٰ پوليس عملدارن جا ٻار به سامهون اچي رهيا آهن. 12 کان وڌيڪ آفيسر اهڙا آهن جيڪي باقاعدگي سان منشيات استعمال ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪجهه ڪوڪين ته ڪجهه آئيس واپرائين ٿا ڪي وري ويڊ جو استعمال ڪن ٿا. هڪ اهڙو پوليس آفيسر هو جيڪو منشيات واهپي جي ڪري موت جو کاڄ بڻجڻ کان ذري گهٽ بچي ويو. نه رڳو اهو پر عورت پوليس آفيسر به اهڙيون آهن جيڪي منشيات واپرائين ٿيون. اهي سڀ آفيسر گريڊ 17 کان 19 تائين جا آهن. ڪجهه اڳوڻن آءِ جيز، ڊي آءِ جيز جي اولاد به نه رڳو پاڻ منشيات واپرائن ٿا پر وڪرو به ڪن ٿا. بدقسمتي سان پوليس وارا ڄاڻ هوندي به پٽي ڀائين خلاف ڪارروائي نٿا ڪن. هڪ پوليس آفيسر جو بوٽ بيسن ۾ رسٽورينٽ آهي جتي شيشا بار آهي. هڪ ايس ايس پي جو بار هلي رهيو آهي. هڪ ڊي آءِ جي آهي جنهن جي ڀاءُ جي گذري کڏا مارڪيٽ واري هوٽل ۾ شيشا بار آهي. پوليس آفيسرن جا پنهنجا ماڻهو اهو ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته پوليس وارا وري ٻين خلاف ڪارروائي ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن آءِ جي سنڌ چاهي ته ڪارروائي ڪري سگهي ٿو. اهو انڪشاف ٿيو آهي ته سمورين ڊانس پارٽين ۾ گذري ۽ بوٽ بيسن مان منشيات سپلاءِ ڪئي وڃي ٿي. آءِ جي سنڌ هن ڪيس ۾ منظر تان گم آهي، يا ته هو ڊڄي رهيو آهي يا مجبور آهي يا ڪمزور آهي. ڪجهه ڪري نٿو سگهي ته ڪرسي ڇڏي ڇو نٿو ڏئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.