ٺٽو(ڊ ر)پ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي سينيٽر سسئي پليجو وفاقي وزير احسن اقبال جي پريس ڪانفرنس کي رد ڪندي چيو آھي ته احسن اقبال وفاق جو نمائندو ھجڻ باوجود غلط بياني جو مظاھرو ڪري رھيو آھي ھُو سنڌ کي پنجاب جي ڪالوني سمجھڻ واري روش ختم ڪن، سمنڊ ڊيلٽا جي سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ ڳڙڪائي ڇڏي آھي ۽ سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي کان ھيٺ واري پئي اڏامي، ان جي باوجود سنڌو درياءُ مان 6 ڪئنال ڪڍي چولستان جي لکين ايڪڙ آباد ڪرڻ وارو وفاق ۽ ارسا جو عمل کي جارحيت سمجھون ٿا.ميرپور ساڪرو لڳ سياسي، سماجي شخصيت غلام حسين ملڪاڻي جي وفات تي سندس وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد صحافين سان ڳالھائيندي سسئي پليجو چيو ته اسان احسن اقبال کي ٻڌائڻ چاھيون ٿا ته ھي اسان جي جيئڻ ۽ مرڻ جي جنگ آھي جنھن تان ڪنھن به صورت ۾ هٿ نه کڻنداسين، ارسا مڪمل طور تي پنجاب جي نمائندگي ڪري رھي آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ واري عمل کي پڻ رد ڪيون ٿا