ڪراچي (رپورٽر) پروگريسو الائنس فارپيس طرفان ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان ٽي روزه احتجاجي ڪئمپ قائم ڪئي وئي آهي. جتي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جا ڪارڪن ۽ مقامي عهديدار احتجاج ڪندي نظر آيا. جنهن ۾ عوامي ورڪرز پارٽي جو امداد کوسو، حميد احمد ۽ سعيد کوسو، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ڪنڌڪوٽ جو اڳواڻ ظريت بجاراڻي، فشر فوڪ فورڪ اڳواڻ سعيد بلوچ، ڊاڪٽر جئپال ڇاٻڙيا، اي ڊبليو پي جو سرگرم ڪارڪن فيض ملاڻو صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪشمور ضلعي اندر ڏوهارين جو ڏاڍ ايتري قدر وڌي ويو آهي، جو ڌاڙيل ڏينهن ڏٺي جو وارداتون ڪرڻ لڳا آهن ۽ ننڍن ٻارن کي به اغوا ڪرڻ لڳا آهن، جيڪا لاقانونيت جي حد آهي. جنهن سبب ضلعي ۾ غير يقيني ۽ خوف واري صورتحال آهي. ايس يو پي اڳواڻ ظريت بجاراڻي چيو ته راجيش ڪمار ڪيسواڻي کي اغوا ٿئي ٽن مهينن کان وڌيڪ وقت ٿيو آهي پر پوليس کيس بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جنهن سبب هندو برادري جا ڪيترائي ماڻهو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن. سعيد کوسو چيو ته ڌاڙيل هندو واپاري کان ويڊيو ڪلپ ٺاهي ڀتو گهرڻ لڳا آهن ۽ اهو ويڊيو ڪلپ سندن پرسنل نمبر تي موڪلڻ بدارن سوشل ميڊيا تي وائرل ڪريو ڇڏين، جيڪا سڄي دنيا پڻ ڏسندي پر حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ذميوارن خلاف ڪا ڪارروائي نٿا ڪن، احتجاج ڪندڙ مطالبو ڪيو ته راجيش ڪمار کي بازياب ڪرائڻ سان گڏ ضلعي ۾ امن ڪرايو وڃي، ٻئي صورت ۾ اسان احتجاج جو دائرو وڌائيندي، ضلعي ۾ شٽربند هڙتال ڪرڻ سان گڏ ڪراچي ۽ اسلام آباد پريس ڪلب اڳيان مستقل احتجاجي ڪئمپ قائم ڪنداسين.