ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)ڪئنالن ۽ بدامني خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي سڄي ۾ مظاهرا،خبر موجب قمبر ۾ انجنيئر عبدالرزاق عابد لاکو، حافظ عذير گل جاگيراڻي،عبدالرزاق سولنگي، عبدالرزاق لاکو ،نوابشاهه ۾ قاري عبدالقيوم چنا،مولانا شفيق احمد جمالي ،مولانا احسان الله موروجو، مولانا احمد حسين جمالي،مولانا عبدالرزاق شر جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته قيادت حڪم ڪيو ته پوءِ سنڌ پنجاب روڊ بند ڪنداسين،سکر ۾مولانا محمد صالح انڍڙ ڪري رهيو هو،جڏهن ته ٻين اڳواڻن ۾ مفتي سعود افضل هاليجوي،حافظ عبدالحميد مھر،مفتي شفيع محمد هاليجوي، مولانا غلام الله هاليجوي، مولانا زبير احمد مھر،قاري لياقت عليمغل، مولانا محمد عابد سنڌي، مولانا عبدالڪريم عباسي، قاري عبدالغفار سومرو، مولانا رفيق احمد ميراڻي،مولانا اسد الله بهيو،مولانا عبدالڪريم جوڻيجو، مولانا سيف الله سمائر، مولانا امان الله سکروي، قاري نصر الله سکروي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي،مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي آيا، جن تي سنڌ ۾ امن امان جي بحالي ۽ سنڌو درياءَ تي غير قانوني ڪينالن جي تعمير روڪڻ جا مطالبا لکيل هئا. مولانا محمد صالح انڍڙ ۽ ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال عوام لاءِ وڏي پريشاني جو سبب بڻي رهي آهي. روز بروز وڌندڙ ڏوهاري ڪارروايون، اغوا براءِ تاوان جا واقعا، ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ناڪامي عوام کي عدم تحفظ جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي،تڪراري ڪينال سنڌ جي هارين ۽ زراعت لاءِ تباهيءَ جو سبب بڻجندا، هوڏانهن دادو ۾ مولانا حبيب الرحمان ملڪاڻي،مولانانواز الله بروھي،مولانا اصغر لغاري،مولانا ابوبڪر آزاد،غلام محمد ٻٻر،مسعود احمد پنهور، انور کونهارو، عبدالڪريم چانڊيو، عبدالحق جمالي، دوست محمد جمالي، سليم الله جانوري لاڙڪاڻي ۾ مولانا ناصر محمود سومرو، محبت علي کهڙو، مولانا محمد الياس چنو، مولانا جمال مصطفيٰ تنيو، طارق حسين سومرو، ثناءَ الله سيال، مولانا علي محمد بروهي، مولانا نصير احمد ڀٽو، مولانا بشير احمد ڀٽي، فقير سڪندر نقشبندي، عبدالمتين سهڙو، مولانا محفوظ الرحمان سومرو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جو هر هڪ حلالي ٻچو سنڌو درياھ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت نه ڏيندو، اڄ سموري سنڌ اهڙي منصوبي خلاف سراپا احتجاج بڻيل آهي، پر افسوس جو حڪمرانن کي ڳالهھ سمجھ ۾ نه پئي اچي، هنن چيو ته لاڙڪاڻي ضلعي سميت سڄي سنڌ اندر بدامني جي باھ برقرار آهي، صوبي جي مختلف شهرن ۾ ڦرون، چوريون، ڌاڙا، اغوا، قتل و غارت روز جو معلوم بڻجي ويا آهن، پر پوليس جا اعليٰ عملدار ڪرپٽ سياستدانن کي پروٽول ڏيڻ ۾ مصروف عمل بڻيل آهن ته ٻي طرف سنڌ جا چونڊيل نمائنده عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آهن، جن کي ماروئڙن جي ڪابه پرواھ نه آهي،ٽنڊي آدم ۾مولانا محمد هاشم خاصخيلي،مولانا عبدالقادر ابڙو،قاري امام الدين خاصخيلي،قاري محمد اسلم ٿهيم،شاهنواز ابڙو،مفتي حبيب الرحمان،طارق لغاري،محمد موسي’ حقاني،قاري نادر مگسي،ميرپورخاص ۾قاري فدا حسين، مولانا ابراهيم مهر هاشم سميجو، قاري اسحاق مڱريو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو حيدرآباد ۾ مولانا تاج محمد ناھيون. اعظم جھانگيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ڄامشورو ۾مولانا سڌير احمد رند، مولانا خان محمد گبول،مولانا محمد عمر ساجد، مولانا ميرمحمد اوڍو، مير شاهجهان کوسو، مولانا عبدالصمد رئيساڻي، مولانا صبغت الله بازري حافظ جميل احمد لغاري ،حافظ نعمان برفت، حافظ محمد يوسف بروهي، مولانا علي گل دائيداڻو، مولانا اياز گبول ، انور علي بليدي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.