فلڊ ڪميشن کي هڪ مهيني اندر درياهن ۽ پاڻي جي لنگهن تان حددخليون هٽائڻ جي هدايت

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) سينيٽ جي آبي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي درياهن ۽ پاڻي جي لنگهن تان حددخلين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيڊرل فلڊ ڪميشن کي هڪ مهيني اندر حددخليون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اهڙي ريت سينيٽ جي پاڻي وسيلن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر شهادت اعواڻ جي صدارت هيٺ ٿيو، پاڻي وسيلن واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڊيم سيفٽي ايڪٽ جو مسودو تيار آهي، ڊيم سيفٽي ايڪٽ جو مسودو ٻن مهينن ۾ فائنل ڪيو ويندو، اسان ٽنل سيفٽي جي حفاظت جو معاملو به ايڪٽ ۾ شامل ڪنداسين، فيڊرل فلڊ ڪميشن جي عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته آگسٽ 2024ع تائين پنجاب ۾ دريائن ۽ پاڻي جي گذرگاهن تي ڪا به حددخليون نه ٿيون هيون، 18 فيبروري 2025ع تائين سرگوڌا زون جي مکيا آبي گذر گاهن ۾ 153 حددخليون ٿيون جڏهن ته ملتان زون ۾ 676 حددخليون ٿيون، جڏهن ته لاهور، فيصل آباد ، بهاولپور ۽ پوٺو هار زون مان ڊيٽا نه ملي سگهيو آهي، چيئرمين ڪميٽي چيو ته اسان کي حددخلين بابت سپارڪو جي ڊيٽا فراهم ڪئي وڃي، درياهه جي وهڪرن ۾ حددخليون تباهي جو سبب بڻجي رهيون آهن، سمورن زونن مان حددخلين جو ڊيٽا ڇو نه آيو آهي، فيڊرل فلڊ ڪميشن جي عملدارن جو چوڻ هو ته کين حددخلين جي ڊيٽا پنجاب حڪومت ڏيندي آهي پر سمورن زونن جي ڊيٽا ناهي ڏني وئي، چيئرمين شهادت اعواڻ چيو ته جيڪڏهن آبي گذر گاهن ۾ حددخلين جي ڊيٽا نٿي آهي ته پوءِ فيڊرل فلڊ ڪميشن کي بند ڇو نٿا ڪري ڇڏيو، دريائن ۽ آبي گذرگاهن جي حددخلين کي ختم ڪرايو، ٻوڏ سبب ماڻهن کي جاني ۽ مالي نقصان ٿئي ٿو، سندن گهر ۽ فصل تباهه ٿي وڃن ٿا، ان طريقي سان ڪم نه هلندو، پنجاب ۾ پاڻي جي لنگهن تان حددخليون ختم ڪيون وڃن، هن چيو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن حددخليون هٽائي، ٻي صورت ۾ اها مجرماڻو غفلت هوندي، ڪميشن کي هڪ مهيني جي مهلت ڏئي رهيا آهيون، جيڪڏهن هڪ مهيني اندر حددخليون نه هٽايون ويون ته ڪميشن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، فلڊ ڪميشن جي عملدارن جواب ڏنو ته اسان کي صوبن کان معلومات وٺڻ ۾ وقت لڳندو آهي، جنهن تي چيئرمين ڪميٽي وفاقي فلڊ ڪميشن جي وقتي چيئرمين کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته جيڪڏهن هو ائين نٿا ڪري سگهن ته ڪنهن ٻئي کي چيئرمين بڻائڻ جي سفارش ڪري ڇڏيون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.