آءِ ايم ايف جي قدرتي وهڪرن ويجهو اڏاوتون روڪڻ جي تجويز

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڪلائميٽ فنانسنگ لاءِ ڳالهين جي ٻئي ڏينهن ٽيڪنيڪل وفد ۽ صوبائي حڪومتن جي عملدارن وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. ذريعن موجب آءِ ايم ايف ٻيلن ۽ پاڻي وهڪرن ويجهو اڏاوتون روڪڻ جي تجويز ڏني. هنن چيو ته نين اڏاوتن سان روشني ۽ هوا جي بهترين استعمال کي يقيني بڻايو وڃي، وفد قدرتي آفتن کي وقت سر منهن ڏيڻ لاءِ سگهه کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. آءِ ايم ايف صوبن کان موسمياتي تبديلين لاءِ ترقياتي منصوبن کي جيوٽيگ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته موسمياتي تبديلين لاءِ رکيل رقم ۽ استعمال کي جيو ٽيگ ڪريو، حڪمت عملي واضح ڪئي وڃي. پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ ڊالر امداد چاهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.