لاهور (م ڊ) صدر آصف علي زرداري سان پنجاب جي پارلياماني وفد جي ميمبرن ۽ تنظيمي اڳواڻن گورنر هائوس ۾ مرحلي وار ملاقاتون ڪيون. ذريعن موجب پ پ وفد ۽ اڳواڻن آصف زرداري آڏو شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. ميمبرن چيو ته انتظامي معاملن ۾ پ پ ميمبرن کي نطرانداز ڪيو وڃي ٿو، ترقياتي فنڊ ورهائڻ ۾ به ترجيح نٿي ڏني وڃي، هنن تڪن جي مسئلن تي به آگاهي ڏني. صدر زرداري چيو ته اتحادي حڪومت سان هلڻ اسان جي مجبوري آهي، خبر آهي ته لکت جي معاهدي جي نقطن تي عمل نٿو ٿئي، پ پ پارلياماني وفد ايندڙ بجيٽ تائين مسئلا حل ٿيڻ جو انتظار ڪري.