ڪراچي ( رپورٽر) ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب عباسي شهيد اسپتال جي لفٽ ۾ ڦاسي ويو، اسپتال اختيارين موجب لفٽ چوٿين منزل کان پهرين منزل تي اچي ڪري ڦاسي پئي، جنهن ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر سميت 15 کان وڌيڪ ماڻهو موجود هئا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ميئر سميت سمورا ماڻهو لفٽ ۾ 5 کان 10 منٽن تائين ڦاٿل رهيا پر لفٽ ۾ موجود سمورا ماڻهو محفوظ رهيا، ڪراچي جو ميئر مرتضيٰ وهاب عباسي شهيد اسپتال پهتو ته هيموفيليا سوسائٽي علاج سينٽر جو افتتاح ڪيو.