ٺٽو /ساڪرو/ ٻهارا( نمائندا) سنڌو تي ڌاڙي، 6 ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو ساڪري کان ٺٽي تائين 4 ڏينهن جو شارٽ پنڌ مارچ شروع ٿي ويو. مارچ جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو، ضلعي صدر ممتاز شيخ، ياسر جاکرو، حبيب الله پليجو، مرتضي لاشاري، شفيع محمد ميمڻ علي، وڪيو ميربحر، امين جوڻيجو، غفور سومرو، غني مالھيو ۽ ٻيا ڪري رھيا آھن. مارچ جو وک وک تي مختلف ھنڌن تي گلن جي ورکا سان شاندار استقبال ڪيو. پنڌ مارچ شام ليٽ اسٽاپ پھتو. مارچ کي مختلف ھنڌن تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجي چيو تہ سنڌو درياھ اسان جي ريڊ لائين آھي. 6 ڪئنال ايٽم بم کان بہ وڌيڪ خطرناڪ آھن. آصف زرداري 6 ڪئنالن جي منظوري ڏني. مراد علي شاھ ۽ ٻيا وزير سنڌ جي عوام کي دوکو ڏئي ڪوڙي مخالفت ڪري رھيا آھن. اشرف پليجي چيو تہ 6 ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ بيابان بنجي ويندي. ماڻھن جي پيئڻ ۽ غسل لاءِ بہ پاڻي نہ ملندو. سکر کان ھيٺ درياھ ۾ واري اڏامندي. سنڌ جا ماڻھو پنھنجي ايندڙ نسلن خاطر درياھ لاءِ جدوجھد ۾ شامل ٿين. قومي عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو جي صدر ممتاز شيخ خطاب ڪندي چيو تہ وفاقي حڪومت ڪينال ڪڍڻ واري ھوڏ تان نہ لٿو تہ پوءِ سنڌي جو عوام پنجاب ڏانهن ويندڙ رستن کي بند ڪري ڇڏيندو، سنڌ ۾ آئي ايم ايف جي چوڻ تي زراعت ۽ مال تي ٽيڪس لڳائڻ کي رد ڪريون ٿا. سمنڊ ۾ پاڻي ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ھيٺ ھلي وئي آھي. ساحلي پٽي جا ماڻھو بدحالي جو شڪار آھن . ياسر جاکرو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍيا ويا تہ اسان جي 60 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين ڀڙڀانگ ٿي ويندي. سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ حبيب الله پليجي خطاب ڪندي چيو تہ سڄي سنڌ ۾ بي زمين ھاري خاندانن کي گھٽ ۾ گھٽ 50/50 ايڪڙ زمين ڏني وڃي. سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ڇوڙ ڪيو وڃي. غفور سومرو، علي محمد ھولاڻي، وڪيو ميربحر، ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.