سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي:ساڃاهه وند

اسلام آباد(پ ر)سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري پاران اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي سھڪار سان اڪيڊمي جي شيخ اياز ڪانفرنس هال اسلام آباد ۾ “زبانون ڪا تنوع: حيثيت، حقوق اور شناختي قبوليت” جي عنوان هيٺ هڪ ڏينهن جي ملڪي ڪانفرنس ٿي گذري، پ پ اڳواڻ ،سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين ميان رضا رباني خطاب ۾ چيو ته پاڪستان کي يونيسڪو پاران ملهائجندڙ مادري ٻولين واري عالمي ڏينهن جو وڌيڪ احساس هجڻ کپي، ڇو ته يونيسڪو اهو ڏينهن بنگالي ٻوليءَ جي شهيدن ۽ ٻوليءَ لاءِ جدوجهد کي ڀيٽا طور ملهائي ٿو.هن چيو ته پاڪستان صوبائي خودمختياريءَ جي بنياد تي ٺهيو هيو، قائد اعظم جو تصور وفاقي،پارلياماني ۽ لبرل هيو، پر بدقسمتيءَ سان قائد اعظم جي وڃڻ کانپوءِ ان کي تبديل ڪيو ويو،هن چيو ته جيستائين وفاق ٻولين کي قومي ٻوليون تسليم ڪري، تيستائين پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان سنڌ وانگر آئين جي آرٽيڪل 152 جي شق 3 جو فائدو وٺي صوبن ۾ ٻولين کي ترقي ڏيارين. هن زور ڏيندي چيو ته اردو ۽ انگريزي کي سرڪاري ٻولي برقرار رکندي ملڪ جي سمورين مادري ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ته جيئن گهڻ رنگائي ۾ ايڪي کي هٿي وٺائي سگهجي، سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته ٻين ٻولين کي قومي ٻولي بڻائڻ جو مطالبو پاڪستان جي سڃاڻپ لاءِ خطرو پيدا ڪرڻ نه پر ان کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ آهي ڇو ته مادري ٻوليون اسان جون پاڙون آهن،نامياري دانشور انعام شيخ چيو ته پاڪستان جي سمورين ٻولين ۾ وڏو ورثو ۽ قومي ذخيرو موجود آهي، انهن جي قومي سطح تي سڃاڻپ ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. بلوچي ٻوليءَ جي نامياري ليکڪ ڊاڪٽر واحد بخش بوزدار چيو ته مقامي ٻولين جو تحفظ صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي، جڏھن انهن کي بطور نصابي ٻولي طور پڙهايو وڃي،پشتو ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندي ناليواري ليکڪ احمد خليل چيو ته ٻولين جي تحفظ ۽ ترقي لاءِ انهن کي معشيت جي ٻولي بڻائڻ ضروري آهي. ان سان ئي پائيدار ترقي ممڪن آهي. سرائيڪي ٻوليءَ جي نامياري دانشور ۽ صحافي مظهر عارف چيو ته مختلف ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ عوامي سطح تي مطالبو ڪرڻ گهرجي ۽ چونڊيل نمائندن کي ٻولين جي حيثيت کي تسليم ڪندي ايوانن ۾ ان تي آواز اٿارڻ گهرجي. ڪانفرنس کي قائد اعظم يونيورسٽيءَ ۾ پاڪستاني ٻولين واري شعبي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر حنيف خليل، پنجابيءَ جي شاعره ثروت محي الدين ۽ ڊاڪٽر سعديه ڪمال پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.