سيد مراد علي شاهه جو پاڻي تي احسن اقبال جي آڏو رکيل درست موقف

سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه، وفاقي وزير احسن اقبال سان ڪراچي ۾ ڪيل گڏيل پريس ڪانفرنس ۾  مٿس واضع ڪيو آهي ته سنڌو جي سسٽم ۾ ايترو پاڻي ناهي جو ڪئنال ٺهي سگهن تنهن ڪري اسان سي سي آءِ جي اجلاس ۾ انگن اکرن سان پنهنجو ڪيس وڙهنداسين. هن مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي وفاق وزير احسن اقبال جي سامهون چيو ته پاڻي جو  مسئلو سياسي نه پر فني آهي اسان پنهنجو موقف دليلن سان مڃرائي سگهون ٿا، قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ رستن  تي اچڻ جي ضرورت ناهي. هن چيو ته سنڌ کي ملندڙ پاڻي چشما کان ڳڻيو ويندو آهي پر اسان جي  مطالبي تي هاڻي وفاق پاران چيو ويو آهي ته سنڌ جي پاڻيءَ جي ڳڻپ گڊو بئراج تي ٿيندي. هوڏانهن وفاقي وزير احسن اقبال پاڻي ۽ ٻين مسئلن تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي.هن چيو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته سنڌ جي پاڻي جو ڦڙو به ٻيو صوبو کڻي سگهي ڇو ته هتي 91 جو پاڻي معاهدو، سي سي آءِ جو فورم آهي، عدالتون آهن، ٻيو ته اربين رپين سان جديد ٽيلي ميٽري سسٽم ٺاهي رهيا آهيون تنهن ڪري ڪوبه صوبو ٻئي ڪنهن صوبي جو پاڻي نٿو کڻي  سگهي. جنهن تي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته  ٽيلي  ميٽري سسٽم لڳو ته پوءِ ڏٺو ويندو.

اسان کي جيتوڻيڪ اهو ڏسي خوشي ٿي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي وزير احسن اقبال جي سامهون اهو موقف رکيو جيڪو سنڌ جو موقف آهي ۽ مٿس واضح ڪيو ته سسٽم ۾ ايترو پاڻي ئي ناهي جو ڪئنال ٺهن پر پوءِ به اسان کي وڏي وزير جي زباني دلجاءِ نه پر ان ڏس ۾ عملي اڳڀرائي گهرجي ٿي باقي. اسان وفاقي وزير احسن اقبال سان بلڪل به  متفق ناهيون ته اسان وٽ اهڙو پاڻي جو انتظام يا معاهدو ٿيل آهي جو ڪوبه صوبو ڪنهن صوبي جو پاڻي نٿو کڻي سگهي. احسن اقبال جڏهن گذريل ڀيري ڪراچي آيو هو ته تڏهن به اها ساڳي ڳالهه ڪئي هيائين جنهن تي اسان ايڊيٽوريل به لکيو هو  ۽ ان ۾ کيس مخاطب ٿي چيو هو ته احسن اقبال صاحب! پهريون 91 واري پاڻي جي معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجي حصي جو پورو پاڻي ڏيو پوءِ ٻيون ڳالهيون ٻڌايو. وڏي وزير به ٽيون ڏينهن کيس ٻڌايو ته 91 جي پاڻي معاهدي تحت ڪنهن به صوبي کي پاڻي جو حصو  نٿو ملي پر احسن اقبال الائي ڪهڙي دنيا ۾ آهي جو لاڳيتو بضد آهي ته پاڻي جي معاملي ۾ ڪنهن به صوبي سان زيادتي نٿي ٿي سگهي. احسن اقبال جي اها خام خيالي ۽ مڪمل ڪوڙ  تي ٻڌل دعويٰ آهي جنهن تي مراد علي شاهه کيس بلڪل صحيح چيو ته ٽيلي ميٽري سسٽم ٺهي ته پوءِ وڌيڪ خبر پوندي ته ڪنهن صوبي کي ڪيترو پاڻي ملي ٿو.

في الحال جيڪي  زميني حقيقتون تنهن ۾ سنڌ اندر سنڌو ندي ۾ ڪيترو پاڻي آهي سو ته احسن اقبال کي ڏيکاري به سگهجي ٿو. ٻيو ته جڏهن پاڻي يا ٻين تڪراري معاملن تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل موجود آهي ته آخر وفاقي حڪومت اهو معاملو ان ۾ ڇو نٿي  کڻي وڃي. سو جيستائين سنڌو مان ڇهن ڪئنالن وارو تڪراري معاملو سي سي آءِ ۾ ويچار هيٺ نٿو اچي تيستائين اصولي طور تي چولستان رٿا تي تي ڪو ڪم نه ٿيڻ گهرجي پر افسوس ته سي سي آءِ  ۾ هي تڪراري معاملو وڃڻ کان اڳ ئي ڪجهه ڏينهن اڳ چولستان رٿا جو افتتاح به ٿي  چڪو آهي ۽ رپورٽون آهن ته ٻين ڪئنالن تي ڳجهه ڳوهه ۾ ڪم هلي رهيو آهي.

حقيقت اها آهي ته وفاق ۽ پنجاب صوبي جي ان ڏاڍائي ۽ زيادتي جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. اهو پنجاب ئي آهي ته جنهن  هر دور ۾ پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي به ڪئي آهي  ۽ پنهنجا ٽي درياهه راوي، ستلج ۽ بياس ڀارت کي وڪرو ڪري ملڪ اندر  پاڻي جي شديد کوٽ به ڪئي آهي ته بحران به پيدا پئي ڪيو آهي. پنجاب جڏهن پنهنجا ٽي  درياهه وڪرو ڪيا هيا ته چيو هيائين ته اسان جي جر ۾ تمام گهڻو پاڻي آهي سو اسان هڪ کڻنداسين نه پر کٽنداسين ته جر مان پاڻي کڻنداسين ڪنهن صوبي جو پاڻي نه کڻنداسين پر پنجاب هر دور ۾ان زباني ڪلامي جي ابتڙ ٻين صوبن جو ئي پاڻي چوري ڪندو رهيو آهي جنهن ۾ ارسا سندس مددگار رهندي آئي آهي. هاڻي به احسن اقبال جي زباني ڪلامي ناقابل اعتبار ئي آهي.

اها به عجيب ڳالهه آهي ته پنجاب نه رڳو ٻين جو پاڻي کڻندو رهيو آهي  پر سسٽم ۾ گهٽ پاڻي هئڻ باوجود ڊيم ۽ ڪئنال به ٺاهيندو رهيو آهي جنهن تي سنڌ جو عوام ۽ سنڌ  جون سياسي جماعتون هر دور ۾ رڙندو رهيون آهن ته سنڌ کي 91  جي پاڻي معاهدي موجب گهٽ ۾ گهٽ 10 ايم اي ايف پاڻي به  نٿو  ملي، 2 يا 3   ايم اي ايف پاڻي مشڪل سان ٿو ملي ته پنجاب ۽ ارسا وارا چوندا آهن ته اصل ۾ سسٽم ۾ پاڻي ناهي ان تي پنهنجو وري اهو سوال آهي ته جيڪڏهن سسٽم ۾ پاڻي ناهي ته پوءِ  سنڌو تي ڇهه ڪئنال ڪيئن ٿا ٺاهيو؟

سو ڏسجي ته  وفاق ۽ ارسا صرف ۽ صرف پنجاب جي مفادن جو خيال ڪري رهيا آهن باقي درياهن جي عالمي قانون، 91 واري پاڻي معاهدي ۽ سي سي آءِ وارين گهرجن کي مڪمل طور نظرانداز ڪري رهيا آهن جنهن سان معاملا  تڪراري بڻجي وڃن ٿا ۽ انهن  جو اثر ملڪي سلامتي ۽ وفاق کي رسي ٿو.

سو هوشمندي جي تقاضا اها آهي ته وفاق ۽ ارسا پاڻي جي معاهدي، درياهن جي عالمي قانون جي پاسداري ڪن، سنڌو تي ٺهندڙ ڇهن ڪئنالن تي جيڪڏهن سنڌ کي شديد اعتراض آهي ته ان معاملي کي  گڏيل  مفادن واري ڪائونسل ( سي سي آءِ) ۾ نيئڻ گهرجي ۽ بنا دير جي نيئڻ گهرجي جيئن اهو تڪراري مسئلو حل ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.