پاڪستان جي وزيراعظم ميان شهباز شريف گذريل ڏينهن ڊيره غازي خان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيتريون ئي ڳالهيون ڪيون پر سڀ کان سٺي ڳالهه اها هئي ته ڀارت ترقي جي حوالي سان پوئتي رهجي ويندو. ان عزم جو اظهار ڪندي هن چيو ته ترقي پاڪستان جو مقدر بڻجي چڪي آهي. ان حقيقت کان ڪو به انڪار نه آهي ته پاڪستان ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار رهيو آهي. اهڙا مسئلا آهن جيڪي ختم نه ٿيا پر وڌي رهيا آهن. ڀارت سان مقابلو بهترين عمل آهي، پر مقابلو رڳو تقريرن يا دعوائن سان نه پر ڪارڪردگيءَ سان ٿيندو آهي. هندستان جي ترقيءَ جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته اهو چوڻو پوندو ته ان جي ترقي تمام تيزيءَ سان ٿي رهي آهي. تازو ئي ڀارت ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪيترائي واپاري معاهدا ٿيا آهن ۽ خاص هٿيارن جا معاهدا به اهميت جوڳا آهن ۽ جديد جهاز خريد ڪرڻ جي ڳالهه به ٿي آهي. اهو معاهدو پاڪستان جي پريشاني ۾ اضافو ڪري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ صورتحال اڪثر ڪري ڳنڀير رهي ٿي. اسلام آباد کي خدشو آهي ته آمريڪا کان خريد ڪيل هٿيار پاڪستان خلاف استعمال ٿي سگهن ٿا.جيتوڻيڪ پاڪستان معاشي ڪمزوريءَ سبب ڳري هٿيار خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي۔ هن وقت توازن برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان کي به انهن هٿيارن جي ضرورت آهي.
جيتوڻيڪ هندستان جي آبادي جو هڪ وڏو حصو غربت جو شڪار آهي، پر سڄي هندستان کي غريب نٿو چئي سگهجي. هندستان ۾ اقليتن کي سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. هر روز اقليتن تي هر قسم جا ظلام ڪيا پيا وڃن. اقليتن خاص ڪري مسلمانن جي عزت کي به ڇيهو رسايو وڃي ٿو ۽ انهن کي ڪاروبار جي حوالي سان به نقصان پهچايو وڃي ٿو.هن وقت انتشار وارو ماحول هندستان لاءِ نقصانڪار آهي، پر اها دعويٰ پوريءَ طرح سان نه ٿي ڪري سگهجي ته هندستان به ترقيءَ جي حوالي سان هيٺاهين طرف وڃي رهيو آهي. هندستان ۾ صنعتون پنهنجون شيون ٺاهي رهيون آهن ۽ عالمي مارڪيٽ تائين رسائي پڻ حاصل ڪري رهيا آهن.جڏهن ته حڪومت جي پاليسين تحت پاڪستاني صنعتن کي نقصان ٿي رهيو آهي ۽ ڪيتريون ئي صنعتون بند ٿي چڪيون آهن. جيڪڏهن اسان هندستان سان مقابلو ڪرڻ چاهيون ٿا ته ملڪ کي صنعتن جي حوالي سان بهتر ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ اسان کي انقلابي قدم کڻڻا پوندا.موجوده وقت ۾ بجلي جو بحران ۽ مهانگي ٿيڻ سبب صنعتون ڪمزور ٿي چڪيون آهن. وزيراعظم پاڪستان کي چڱي ريت خبر آهي ته بجلي مهانگي آهي ۽ اهو به چيو هو ته بجلي سستي ڪئي ويندي.مهانگي بجلي به صنعتن کي سخت متاثر ڪري رهي آهي ۽ ٻيا شعبا به مهانگي بجلي جي اثرن کان محفوظ ناهن.انڪري بجلي تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته بجلي کي سستي بڻائڻ کان سواءِ ترقي ناممڪن آهي. هاڻي صورتحال اها ٿي وئي آهي ته پاڪستان جو هر شعبو بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ کان معذور ٿي ويو آهي. زراعت، بئنڪون، صنعتون ۽ ٻيا شعبا جيڪي معاشي ترقي ۾ واڌارو ڪن ٿا سخت ڊپريشن جو شڪار آهن.انڪري سمورن شعبن تي خصوصي توجه ڏيئي انهن کي اڳتي آڻڻو پوندو ته پوءِ ئي ڪاميابي حاصل ڪري سگهجي ٿي.پاڪستان جي وزيراعظم قرضن جي به ڳالهه ڪئي. قرضن ملڪ جي معيشت کي ڌوڏي ڇڏيو آهي. وڏي سود تي حاصل ڪيل قرض ملڪ کي مشڪلاتن جي دلدل ۾ ڌڪي رهيا آهن.هينئر قرضن تي سود ادا ڪرڻ پڻ ڏکيو آهي. بدقسمتي سان، قرضن کي اڪثر ڪري بدعنواني طور ڏٺو ويندو آهي ۽ قرض حاصل ڪرڻ جو مقصد اڪثر پورو نه ٿيندو آهي. قرضن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪرپشن تي ضابطو آڻڻو پوندو. پاڪستان جي وزيراعظم ٻين معاملن جو به ذڪر ڪيو. سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته پاڪستان کي هندستان کان اڳتي وٺي وڃڻ جو عزم ڏيکاريو وڃي. اميد آهي ته پاڪستان ڀارت کان اڳتي نه ته بهتر ڪارڪردگيءَ جي پوزيشن ۾ هوندو. قوم جي نااميدي تڏهن ختم ٿي ويندي جڏهن ڪجهه ڪري ڏيکاريو ويندو. جذباتي تقريرون ماڻهن ۾ عارضي حوصلا پيدا ڪن ٿيون پر مستقل حل جي ضرورت آهي. سياسي عدم استحڪام پڻ ڪيترائي مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي. ڪيترائي ڀيرا ڳالهيون ٿيون آهن، پر معاهدو پڄاڻي تي نه ٿو پهچي.جهڙي طرح حڪومت جعلي خبرن خلاف قانون سازي ڪري ڪم ڪري رهي آهي، ان کي ٻين معاملن تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي. حڪمرانن جي خاص مراعات ۽ وڏي تعداد ۾ پگهارن تي به ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي. ڇوته هڪ طرف غربت ۽ مجبوري آهي ته ٻئي طرف اشرافيه جا ڪارناما ڏسي قوم ۾ مايوسي وڌي رهي آهي. تنهن هوندي به مايوس نه ٿيڻ گهرجي ۽ اميد رکڻ گهرجي ته پاڪستان ڀارت کي ڪيترائي ڀيرا اڳتي وڌندو ۽ هڪ ڏينهن هندستان جو وزيراعظم قوم جي سامهون ان قسم جو اعلان ڪندي نظر ايندو ته هو پاڪستان جي ترقيءَ جو مقابلو ڪندو پر جيڪڏهن 78 سالن وانگر رڳو تقريرون ڪري عوام کي بيوقوف بڻائي وقت پاس ڪيو ويو ۽ سنجيدگي اختيار نه ڪئي وئي ته هڪ ڀيرو وري ڀارت جي غلاميء ۾ واپس هليا وينداسين ڇوته موجوده وقت ۾ سنڌ جو پاڻي کسيو پيو وڃي، بلوچستان جي نوجوانن کي کنڀي گم ڪري دهشتگرد قرار ڏنو پيو وڃي ۽ ڪي پي ڪي جي صوبائي حڪومت جي خاتمي لاءِ وفاق جنگ جوٽيو ويٺو آهي جنهنڪري ٽي صوبا اسلام آباد کان خفا ٿي رهيا آهن