ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو وري واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون هڪ هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 8 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسييئشن موجب، ڏهه گرام سون 8 سئو 57 رپيا واڌ بعد 2 لک 64 هزار 60 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون ڇهه ڊالر چاڙهه کانپوءِ 2 هزار 9 سئو 36 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
You might also like