دبئي(ويب ڊيسڪ) دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي مها مقابلي جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
گڏيل عرب رياستن ۾اڄڪلهه رات جي پهر ۾ ٿڌيون هوائون گُهلي رهيون آهن، تنهنڪري آچر تي دبئي ۾ مِينهن وسندو يا نه ؟ ڪيئي شوقينن ان حوالي سان سوال پڇي رهيا آهن.
دبئي ۾ اڱاري تي برسات پئي جنهن کانپوءِ خميس ڏينهن ڀارت ۽ بنگلاديش جي ميچ دوران پڻ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو هو.
گڏيل عرب رياستن جي بلند ترين جبل جيس، راس الخيمه ۾ ڳڙي سان گڏ وسڪارو ٿيو، پر ان دوران ڀارت ۽ بنگلاديش جو مقابلو متاثر نه ٿيو.
يو اي اي جي موسميات کاتي موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ دوران دبئي ۾ برسات جو خطرو برقرار آهي.
موسميات کاتي موجب، آچر جي رات ۽ سومر صبح تي دبئي ۾ موسم جهڙالي رهڻ ۽ هلڪي برسات جو امڪان آهي.
موسمياتي ماهرن موجب، دبئي ۾ برسات ٿي ته گهٽ وقت لاءِ ڪڪر وسندا، انڪري ميچ متاثر ٿيڻ جو امڪان تمام گهٽ آهي.
دبئي ۾ آچر جي ڏينهن گرمي پد 33 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ رات جو گرمي پد 20 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي قانونن موجب، گروپ اسٽيج ميچن لاءِ ڪو به ريزرو( واڌو) ڏينهن نه رکيو ويو آهي.
شوقين پُراميد آهن ته هلڪي برسات پاڪ ڀارت ميچ کي متاثر نه ڪندي ۽ شوقينن کي ڀرپور مقابلو ڏسڻ وٽان ملندو.
Next Post
You might also like