لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جي چوٿين ميچ ۾ انگلينڊ آسٽريليا کي کٽڻ لاءِ 352 رنس جو هدف ڏئي ڇڏيو.
لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ جاري ميچ ۾ آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو، انگلينڊ مقرر 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 352 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ طرفان بين ڊڪيٽ ۽ فل سالٽ اننگز جي شروعات ڪئي، پر ٻئي اوور ۾ ئي شاندار ڪيچ سبب فل سالٽ پويلين موٽي ويو، ڇهين اوور دوران جيمي سمٿ به 15 رنس ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو.
43 رنسن تي ٻه وڪيٽون وڃائڻ کانپوءِ بين ڊڪيٽ ۽ جوءِ روٽ ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو.
بين ڊڪيٽ شاندار 165 رنسن جي اننگز کيڏي، جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 17 چوڪا شامل هئا.
جوءِ روٽ 68 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته انگلش ڪپتان جوز بٽلر 23، جوفرا آرچر 21، ليام ليونگسٽن 14،برائيڊن ڪارِس 8 ۽ هيري بروڪ 3 رنسون ٺاهيون.
آسٽريليا طرفان بين ڊوارشس 3، ايڊم زيمپا ۽ مارنس لبوشين 2-2 وڪيٽون حاصل ورتيون، گلين ميڪسويل جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي.
Prev Post
You might also like