ڪراچي (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير سينيٽر فيصل واوڊا دعويٰ ڪئي آهي ته پي ٽي آءِ وارن سوديبازي تحت عمران خان کي جيل ۾ رکيو آهي.
ڪراچي ڪسٽم هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فيصل واوڊا چيو ته پاڪستان ڪسٽمز ايجنٽس ايسوسيئيشن خط لکي ٻڌايو آهي ته هي ماڻهو حڪومت کي 400 ارب رپيا ڏئي رهيا آهن، مان حيران آهيان ته اسان ڪهڙي طرف وڃي رهيا آهيون، حڪومت کي نقصان ٿي رهيو آهي.
هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي نو-گو ايرياز لاءِ فوج کي گهرايو پيو وڃي، جڏهن هر معاملي لاءِ فوج کي سڏايو ويندو ته پوءِ ان جي واکاڻ به ڪرڻ گهرجي، آرمي چيف هڪ ٽيم ليڊر جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته آرمي چيف اڳ ئي هدايتون ڏئي ڇڏيون آهن، مان اوهان جو مسئلو حل ڪرائڻ آيو آهيان ۽ منهنجي چوڻ تي احتجاج ختم ڪيو پيو وڃي.
فيصل واوڊا جو چوڻ هو ته اسان کي پاڪستان جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو، ناڻي وارو وزير سٺو ماڻهو آهي، مون تازو 50-60 ارب جي چوري پڪڙي آهي ۽ ان تي ڪم جاري آهي، ڪاروباري شخصيت طور پنهنجي ذميواري قبول ڪرڻي پوندي.
ٻئي پاسي آل پاڪستان ڪسٽمز ايجنٽس ايسوسيئيشن جي چيئرمين سيف الله خان احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پي ٽي آءِ وارن سوديبازي تحت عمران خان کي جيل ۾ رکيو آهي، آرمي چيف ٽيم ليڊر جو ڪردار ادا پيو ڪري: واوڊا
You might also like