ملڪ ۾ سون يڪدم سستو ٿي ويو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪيئي ڏينهن کان مسلسل واڌ کانپوءِ سون جي اگهن ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ في تولو سون ٻه هزار رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 7 هزار رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون هڪ هزار 714 رپيا لاٿ کانپوءِ 2 لک 63 هزار 203 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 23 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 هزار 930 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.