ڪوهلي هم وطن اظهر الدين سان ڪُلهو ۾ ملائي ورتو

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽر ويرات ڪوهلي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو هم وطن اڳوڻي ڪپتان اظهر الدين جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
چيمپيئنز ٽرافي ۾ بنگلاديش خلاف ميچ دوران ڪوهلي 43 هين اوور ۾ محمد شامي جي بال تي جاڪر علي جو ڪيچ پڪڙي اِهو ڪارنامو انجام ڏنو.
اِهو ڪوهلي جو ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ 156 هون ڪيچ هو، جنهن سان گڏ هن محمد اظهر الدين سان ڪُلهو ڪُلهي ۾ ملائي ورتو.
اظهر الدين 334 ون ڊي ميچن ۾ 156 ڪيچ پڪڙيا هئا، جڏهن ته ڪوهلي 298 ميچن ۾ اِهو اعزاز حاصل ڪيو.
ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچن جو عالمي رڪارڊ سريلنڪا جي اڳوڻي ڪپتان مهيلا جئي ورڌني وٽ آهي، جنهن 448 ميچن ۾ 218 ڪيچ ڪيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.