ٽيڪس نيٽ ۾ موجود ريٽيلرز تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين: وزير اعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٽيڪس نيٽ ۾ موجود ريٽيلرز تي وڌيڪ بار نه وجهنداسين.
پاڪستان ريٽيل بزنس ڪونسل جي چيئرمين زيد بشير جي اڳواڻي ۾ وفد وزير اعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، وزير اعظم وفد جي آجيان ڪندي انهن کي مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
وزير اعظم ريٽيلرز جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِڪميٽي جوڙڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته اهڙا رٽيلرز جيڪي ٽيڪس نيٽ ۾ موجود آهن انهن تي ٽيڪس جو وڌيڪ بار نه وڌو ويندو، جڏهن ته جيڪي ٽيڪس نه ڏيندا آهن انهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهيا آهيون.
هن چيو ته استعمال ٿيل شين جي نالي تي ٿيندڙ اسمگلنگ کي روڪڻ لاءِ به قدم تيز ڪيا پيا وڃن. مقامي صنعت کي نئين ٽيڪنالاجي اختيار ڪري پنهنجي شين جي برآمد وڌائڻ گهرجي، جيئن اهي عالمي مارڪيٽ سان مقابلو ڪري سگهن.
شهباز شريف جو چوڻ هو ته ايف بي آر جي سڌارن سان گڏو گڏ حڪومت معيشت کي ڪيش ليس بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي.
ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن ملڪ جي معيشت جي استحڪام لاءِ وزيراعظم ۽ سندس ٽيم کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته مهانگائي ۽ وياج جي شرح ۾ نمايان گهٽتائي سبب شين جي وڪري ۽ پيداوار ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جيڪو سٺو سنئوڻ آهي. اميد آهي ته انهن قدمن سان مهانگائي ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي.
شرڪت ڪندڙن چيو ته حڪومتي قدمن سبب صنعتن جو ڦيٿو ڦرڻ سان روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. حڪومتي سڌارا سٺي اڳڀرائي آهن ۽ انهن جو معيشت تي مثبت ۽ ڊگهي مُدي لاءِ سٺو اثر پوندو، رٽيلرز کي ٽيڪس نظام ۾ آڻڻ سان ملڪ جي آمدني ۾ اضافو ٿيندو.
اجلاس ۾ پاڪستان ريٽيل بزنس ڪائونسل جي چيئرمين زيد بشير، سروس سيلز ڪارپوريشن جي سي اي او شاهه حسين، بيچ ٽري جو سي اي او شھريار بخش کان علاوه وفاقي وزير احسن اقبال، ڄام ڪمال خان، احد خان چيمه، محمد اورنگزيب، رانا تنوير حسين، مملڪتي وزيرِ علي پرويز ملڪ ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.