اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف جو وفد 7 ارب ڊالر قرض جي ايندڙ قسط بابت ڳالهين لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندو، جنهن جو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي.
آءِ ايف ايف جي نمائندي 7 ارب ڊالر قرض جي اڳئين قسط ۽ ماحولياتي مالي مدد جي حوالي سان ڳالهين جي لاءِ آءِ ايم ايف جو جائزه مشن ۽ تڪنيڪي ٽيم جي پاڪستان جي دوري جو شيڊيول جاري ڪيو آهي.
آءِ ايم ايف جي پاڪستان ۾ نمائندي ماهر بنيس جي موجب، آءِ ايم ايف وفد مارچ جي شروعات ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. آءِ ايم ايف وفد قرض پروگرام جي پهرين جائزي جي لاءِ ڳالهيون ڪندو.
آءِ ايم ايف جي نمائندي وڌيڪ چيو ته بين الاقوامي مالياتي فنڊ جو هڪ ٻيو وفد پاڪستان جي ماحولياتي مالي مدد جي درخواست تي به ڳالهه ٻولهه ڪندو.
ان سلسلي ۾ آءِ ايم ايف جو وفد فيبروري جي آخر ۾ پاڪستان جو دورو ڪندو. ان دوران ٽيڪنيڪي ٽيم ماحولياتي مالي سهائتا سان لاڳاپيل ٽيڪنيڪي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ۽ ممڪنه انتظامن جو جائزو وٺندي.
Prev Post
You might also like