اسلام آباد(م ڊ) صدر آصف علي زرداري علائقائي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو آهي ۽ چيو آهي ته بلوچستان لاءِ 14 ميل پري تاجڪستان کان واخان ڪاريڊور ذريعي پاڻي آڻي رهيا آهيون ۽ گڏيل عرب امارات جي سهڪار سان فزيبلٽي اسٽڊي مڪمل ڪئي وئي، ان پراجيڪٽ تي يو اي اِي سيڙپڪاري ڪئي آهي، چين کي به هن پروگرام ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏيون ٿا، اميد آهي ته چين ان تي غور ڪندو، اسلام آباد ۾ ”علائقائي لاڳاپا ۽ پاڪستان لاءِ اڀرندڙ موقعا“ جي موضوع تي عالمي ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري سيشن کي خطاب ڪندي صدر آصف علي زرداري علائقائي لاڳاپن ۽ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو ۽ چيو ته سي پيڪ ۽ گوادر بندرگاهه علائقائي واپار کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا، مون گهڻو عرصو اڳ گوادر جي اهميت کي دنيا ۾ اجاگر ڪيو، هن چيو ته پاڪستان جي مقام جي لحاظ کان اسٽريٽجڪ اهميت رکي ٿي، اڄ دنيا ۾ واپاري جنگ آهي، واپار سان ئي ڪنهن ملڪ جي ترقي ٿيندي آهي، مون پنهنجي ڊگهي قيد دوران گوادر پورٽ کي چين سميت دوست ملڪن سان گڏيل اقتصادي مرڪز طور تصور ڪيو، سي پيڪ ۽ گوادر اسان جي ايندڙ نسلن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندا، آصف علي زرداري چيو ته دنيا ڪاروباري سرگرميون وڌائي رهي آهي، سي پيڪ به خطي جي ملڪن وچ ۾ ڪاروبار ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، ڪانفرنس کي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي خطاب ڪندي چيو ته گوادر بندرگاهه کي جديد سهولتن سان گڏ هڪ اهم عالمي بندرگاهه ۾ تبديل ڪيو ويندو، گوادر بندرگاهه بلوچستان جي عوام لاءِ اميد ۽ موقعن جي علامت آهي، تقريب کي پاڪستان چائنا انسٽيٽيوٽ جي چيئرمين اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد چيو ته سي پيڪ نئين رابطن ۽ علائقائي ڀائيواري کي هٿي وٺرائڻ ۾ اهم ثابت ٿيندو، تقريب جي نگراني مصطفيٰ حيدر سيد، ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان-چائنا انسٽيٽيوٽ ڪئي، جنهن هڪ انتشار واري پاڙيسري ۾ پاڪستان جي لچڪ کي اجاگر ڪيو، هن زور ڏنو ته اهم معاشي تباهي برداشت ڪرڻ جي باوجود، اهم اشارا اهو ظاهر ڪن ٿا ته ملڪ مسلسل ترقي جي طرف پنهنجي رستي کي ٻيهر حاصل ڪري رهيو آهي، افتتاحي سيشن ۾ ناڻي واري وزير علي پرويز ملڪ اهم اسپيڪر طور خطاب چيو ته سي پيڪ اقتصادي خوشحالي، صنعتي ترقي ۽ علائقائي استحڪام لاءِ هڪ نقشو آهي، ان اسان جي توانائي جي شعبي کي بحال ڪيو آهي، هزارين نوڪريون پيدا ڪيون آهن، ڪانفرنس ۾ چين، آمريڪا ۽ يو اي اي سميت مخلتف ملڪن جي وفدن به شرڪت ڪئي.