موجوده وفاقي حڪومت، جيڪا مسلم ليگ (ن) جي آهي، پنهنجي روايت کي برقرار رکندي هن ڀيري به هڪ اهڙو تڪراري منصوبو جوڙي سامهون کڻي آئي آهي، جنهن کي سنڌ جا هڏڏوکي، باشعور ۽ دانشور طبقو قاتل منصوبي جو نالو ڏئي رهيو آهي.ڇاڪاڻ ته گرين پاڪستان منصوبي جي تڪميل سان سنڌ جي تباهي يقيني بڻجي ويندي ۽ سنڌ جون ڪجهه زمينون بنجر بڻجي وينديون ته ڪجهه کسجي وينديون، جن تي اصولي ۽ قانوني طور تي پهريون حق سنڌ جي مقامي ماڻهن ۽ بي زمين هارين جو آهي.
جيڪڏهن اسان مسلم ليگ (ن) جي سياسي تاريخ تي نظر گهمائينداسين ته اسان کي سندس هر دور سنڌ دشمن دور ئي نظر ايندو. ميان محمد نواز شريف پنهنجي وزارت اعظميٰ جي پهرين دور ۾ سنڌ ۾ بدامنيءَ جو بهانو بڻائي فورسز کي مڪمل طور تي ڇوٽ ڏئي ڇڏي هئي، جيڪا سنڌ جي ڳوٺن ۽ شهرن تي ڪاهه ڪري قومي ۽ سياسي ڪارڪنن خاص طور تي پ پ جي حمايتين ۽ ووٽرن کي سيکت ٿي ڏنائون، جيڪو سلسلو اڳتي يعني سندس ٻئي توڙي ٽئين دور ۾ به جاري رهيو. جنهن جي ظلم جو داستان هونئن ته ڊگهو آهي پر ان جا ٽنڊو بهاول واقعو، يوسف جکراڻي جي شهادت ۽ سنڌي راڳي دلشير تيوڻي کي ڌاڙيل ڄاڻائي شهيد ڪيو ويو هو، وڏا مثال آهن. سندس ئي ٻئي دور ۾ ٽن صوبن جي سخت اعتراضن باوجود به ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ واري منصوبي جو اعلان ڪيو ويو هو، ۽ ٽي وي، ريڊيو توڙي اخبارن ۾ اشتهار پڻ هلايا ويا هئا. جنهن جي خلاف سنڌ مان سخت ردعمل سامهون اچڻ سبب مسلم ليگ (ن) ان منصوبي تان ٻئه قدم پوئتي ته ضرور هٽي وئي هئي پر ان کان مڪمل طور تي دستبردار نه ٿي. جيڪا هر ڀيري سنڌ جو پاڻي چورائڻ ۽ زمينون ڦٻائڻ لاءِ ڪالاباغ جهڙو منصوبو مختلف نالن سان کڻي ايندي رهي آهي ۽ هزارين سنڌين جا جذبا مجروح ڪندي رهي ٿي. ڪالاباغ ڊيم جنهن کي نواز شريف کانپوءِ پرويز مشرف به ٺاهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي پر سنڌ جو شعور کيس ان مقصد ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو. ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مسلم ليگ (ن) ملڪي ۽ معاشي مفادن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪرڻ بدران هميشه فرمائشي ۽ ڪنهن کي خوش ڪرڻ لاءِ فيصلا ڪندي رهي ٿي.جيڪو ڪنهن سياسي ۽ ملڪ گير پارٽي کي بلڪل به نٿو جڳائي.
ساڳئي طرح شهباز شريف پڻ پنهنجي گذريل وزارت اعظميٰ واري دور جيڪو اٽڪل سورنهن مهينا کن هو، ۾ مسلسل اهو تاثر ڏيندو رهيو ته ڄڻ هو ملڪ جو وزير اعظم نه پر پنجاب جو وڏو وزير هجي. بهرحال مسلم ليگ (ن) پنهنجي پراڻي روايت، جيڪا سراسر سنڌ دشمن روايت آهي، برقرار رکندي هن ڀيري به اهڙو خطرناڪ منصوبو کڻي آئي آهي، جنهن جي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي. هر ڏينهن احتجاجي مظاهرا ٿي رهيا آهن، سکر کان ڪراچي تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو پيو وڃي، ڀٽ شاهه ۾ پڻ زبردست ميڙاڪو ڪوٺايو ويو آهي، جنهن ۾ مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي ۽ سنڌو درياهه سڪائڻ توڙي ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪندي پنهنجو فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي هزارين ماڻهن ميهڙ کان سيوهڻ تائين پڻ مارچ ڪيو. ان کان اڳ سنڌياڻي تحريڪ پاران رينگل چودڳي کان ڪراچي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي هئي. مسلم ليگ (ن) جمهوري قدرن جي پاسداري ڪرڻ بدران آمراڻو رويو اختيار ڪري ويٺي آهي ۽ هزارين ماڻهن جي احتجاج کي اهميت ڏيئي تڪراري منصوبن کي رد ڪرڻ بدران انهن جو تعميري ڪم جاري رکيو پئي اچي.فرق صرف اهو آهي ته اڳ ۾ مسلم ليگ (ن) جيڪي تڪراري ۽ سنڌ دشمن فيصلا ڪندي هئي ته ان ۾ اُها پاڻ يا پردي پٺيان ڪي غير سياسي طاقتور ماڻهو شامل هوندا هئا، پر هن ڀيري سندس اتحادي پاڪستان پيپلز پارٽي به شامل نظر اچي رهي آهي، جيڪا بلاشڪ هڪ ملڪ گير پارٽي آهي پر سندس مستقل مفاد سنڌ سان جڙيل آهن، اهو ئي ڪارڻ آهي ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد ڪالاباغ ڊيم جي خلاف سنڌ – پنجاب دنگ ڪمون شهيد وٽ لڳل ڌرڻي ۾ شريڪ ٿي هئي. اِهو اُهو وقت هو جو پ پ سڄي ملڪ ۾ مقبول پارٽي هئي، ۽ سندس اميدوار سنڌ جيان ٻين صوبن مان به ڪامياب ٿيندا هئا ۽ کيس چئني صوبن جي زنجير پڻ سڏيو ويندو هو، پر تنهن جي باوجود به هُوءَ سنڌ سان بيٺي. جڏهن ته اڄ صورتحال بنهه مختلف آهي. پ پ چئن صوبن مان رڳو سنڌ تائين محدود ٿي وئي آهي.پ پ اڳواڻ عملي طور اهڙي طرح سنڌ سان بيٺل نظر نٿا اچن، جيئن محترمه بينظير ڀٽو شهيد سنڌ جي ماڻهن سان گڏجي ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌ – پنجاب دنگ تي ڌرڻو ڏيئي وقت جي حڪمرانن کي پنهنجي هوڏ تان لاهڻ لاءِ مجبور ڪيو هو.
ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياهه مان ڇهه نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سڄي سنڌ هڪ پاسي بيٺل آهي، پ پ کي ٻئي پاسي بيهڻ جي بدران سنڌ جي ماڻهن، پنهنجي ووٽرن سان ئي بيهڻ گهرجي ۽ ان ۾ ئي سندس ڀلائي ۽ بقا به آهي. ڇاڪاڻ ته حالتون تيزي سان تبديل ٿي رهيون آهن، ماڻهن ۾ بيداري پيدا ٿي رهي آهي. سنڌ ۾ ڪجهه سالن اندر ڪنهن جو به ذاتي ووٽ بينڪ يا ڌانڌلي وارو نظام نه رهندو. سنڌ جا ماڻهو ڪنهن پير مير کي ووٽ ڏيڻ جي بدران پارٽي پاليسي ۽ ڪارڪردگي جي بنياد تي اميدوارن کي ووٽ ڏيندا. ان معجزاتي تبديلي پٺيان به يقينن اهي هٿ هوندا، جيڪي ملڪي ڪارووهنوار ۾ سدائين ڪنهن نه ڪنهن طرح شامل رهيا آهن.ان لاءِ موجوده ۽ امڪاني حالتن جي ٻنهي پاسن کان غور ڪرڻ گهرجي.