شڪارپور ويجهو گهر کي کاٽ،ننڊ ستل نوجوان گهٽا ڏئي قتل،هڪ شڪي گرفتار

شڪارپور(ن ع آ) شڪارپور لکيدر ٿاڻي جي حد ابراھيم مرڪز ڀرسان گھر کي کاٽ ھڻي نوجوان کي مبينا طور گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو، اڻڄاتل جوابدرن گهر کي کاٽ هڻي عبدالحميد پٽ لال بخش جتوئي کي  گھٽا ڏئي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال شڪارپور پهچايو، مقتول جي وارثن ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان ڪابه دشمني ناهين اسان سان انصاف ڪيو وڃي,ھوڏانھن پوليس ٻڌايو ته پنهنجي نوعيت جو انوکو واقعو لڳي رهيو آهي، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون،لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏھن ته پوليس شڪ موجب ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ورتو آھي جنهن کان پچاڳاڇا جاري آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.