ٻرندڙ مسئلن تي هر سنڌ دوست ڌر سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار آهيون: قادر مگسي

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال ٺاهڻ نه ڏينداسين، سنڌي جي ماڻهن جي بقا، جياپي ۽ سنڌو تي ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ کي برداشت نه ڪبو، اها ڳالهه سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي ملير ۾ ايس ٽي پي ضلعي اڳواڻ صدا بليدي جي والد جي وفات تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي، ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ وسيع تر مفادن کي مدنظر رکندي سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن  تي هر قومپرست ۽ سنڌ دوست ڌر سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار آهيون، اسان جي تعليمي ادارن ۾ نوجوانن کي ميرٽ تي داخلائون نه ٿيون آهن ۽ تعليمي يافته ڊگري هولڊر نوجوان نوڪرين کان محروم آهن ڪروڙين روپين ۾ نوڪريون کپايون پيون وڃن، هن چيو ته اسين سنڌ جي جياپي ۽ سنڌ جي مستقبل لاءِ گهر گهر ۽ در در وڃون ٿا ته جيئن سنڌي ماڻهو پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ ميدان تي نڪرن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.