آمريڪا جو ممبئي حملن جي ماسٽر مائنڊ کي ڀارت حوالي ڪرڻ جو اعلان

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته ممبئي حملن ۾ ملوث هجڻ جي الزام هيٺ آيل طهور حسين رانا کي ڀارت حوالي ڪيو ويندو.
وزيراعظم نريندر مودي سان ملاقات کانپوءِ صدر ٽرمپ چيو ته طهور رانا کي ڀارت ۾ قانوني ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.

طهور حسين رانا ڪير آهي؟
طهور حسين رانا پاڪستاني ڄائو ڪينيڊين شهري آهي، هو پاڪ فوج جي ميڊيڪل ڪور جو ميمبر رهيو، 1997ع ۾ ڪئناڊا لڏي ويو ۽ آمريڪي شهر شڪاگو ۾ اميگريشن ۽ ٽريول ايجنسي قائم ڪئي.

ممبئي حملن سان واسطو؟
2008ع ۾ ممبئي حملن دوران 166 ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن جو الزام لشڪر طيبه تي لڳايو ويو.
2011ع ۾ شڪاگو جي عدالت طهور رانا کي لشڪر طيبه جي مدد ڪرڻ جو ڏوهي قرار ڏنو، پر ممبئي حملن جي سڌي ريت منصوبابندي ۾ ملوث هجڻ جي الزام کان بري ڪري ڇڏيو.
شڪاگو جي عدالت اڳ ئي طهور رانا جي ڀارت حوالي ٿيڻ جي منظوري ڏئي چڪي هئي، جڏهن ته 2023ع ۾ آمريڪي سپريم ڪورٽ سندس اپيل رد ڪري ڇڏي هئي.
ان کانسواءِ 2020ع ۾ ڪورونا وبا دوران کيس رحم جي بنياد تي آزاد ڪيو ويو، پر ڀارت جي مطالبي تي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
هاڻي آمريڪا فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته کيس ڀارت حوالي ڪيو ويندو، جتي هو ممبئي حملن بابت ڪيسن کي منهن ڏيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.