ڳئون جي کير کان وڌيڪ فائدن وارو کير ڪنهن جو؟

کير هڏن، جسماني طاقت توڙي هاضمي سميت مختلف فائدن وارو هوندو آهي، هر جانور جي کير جا فائدا مختلف ۽ الڳ الڳ هوندا آهن اهو ئي سبب آهي ته ڪجهه جانورن جو کير گهڻو جڏهن ته ڪجهه جو وري گهٽ فائدن وارو هوندو آهي.

مينهن جي کير جي ڳالهه ڪجي ته انکي ٻين جانورن کان تمام گهٽ فائديمند قرار ڏنو ويندو آهي، نه رڳو ايترو پر اهو ويتر وزن وڌائڻ ۽ ٻين مسئلن جو سبب به بڻجي ٿو.

مينهن جي ڀيٽ ۾ وري ڳئون جو کير وڌيڪ فائديمند هوندو آهي جنهن جا نه رڳو سڌيءَ ريت پيئڻ سان فائدا آهن پر ان کي مختلف دوائن ۾ استعمال ڪري به بيمارين مان شفا ماڻي ويندي آهي.

پر ڳئون کان وڌيڪ فائديمند يا وري ان جو متبادل کير ڳولڻ لاءِ هڪ تحقيق ڪئي وئي.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ڏاچيءَ جو کير پنهنجي اينٽي مائڪروبائل ۽ اينٽي الرجڪ خاصيتن جي ڪري ڳئون مان حاصل ٿيندڙ روايتي کير جو بهتر متبادل ٿي سگهي ٿو.

آسٽريليا جي ايڊٿ ڪووان يونيورسٽي جي ماهرن موجب ڏاچي جي کير ۾ قدرتي طور تي ڳئون جي کير جي ڀيٽ ۾ فعال شارٽ پروٽين ماليڪيوز موجود هوندا آهن.

جنرل فوڊ ڪيميسٽري ۾ ڇپيل نئين تحقيق ۾ ان ڳالهه جي تصديق ڪئي وئي آهي ته ڏاچي جي کير ۾ اينٽي مائڪروبائل ۽ اينٽي هائپر ٽينسيو خاصيتن وارا ماليڪيول ٺاهڻ جي وڌيڪ صلاحيت هوندي آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي مرڪب مخصوص پيٿوجنز وارا ٿي سگهن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ ڏاچي جو کير پيٽ جي صحت کي بهتر بڻائي سگهي ٿو ۽ ايندڙ وقت ۾ ٿيندڙ دل جي بيمارين جا خطرا گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.