ڏکڻ وزيرستان: ڪسٽم جي ٻن اهلڪارن سميت چيمبر آف ڪامرس جو صدر اغوا

پشاور (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وزيرستان لوئر ۾ وزيرستان چيمبر آف ڪامرس جو صدر ۽ ڪسٽم جا ٻه اهلڪار اغوا ٿي ويا، جن جي بازيابي لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.
مقامي اختيارين موجب، وزيرستان چيمبر آف ڪامرس جو صدر سيف الرحمان، سپرنٽنڊنٽ ڪسٽم نثار عباسي ۽ ڪسٽم انسپيڪٽر انگور اڊا ۾ قائم ڪسٽم آفيس جو دورو ڪري واپس اچي رهيا هئا ته شولام جي وٽ کين اغوا ڪيو ويو.
ڏکڻ وزيرستان جي ڊپٽي ڪمشنر ناصر خان واقعي جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته پوليس ۽ انتظاميه معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ مغوين جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.
مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ان کان هڪ ڏينهن اڳ پاڪستان هلال احمر سان لاڳاپيل ڊاڪٽر نعمان کي به لوئر وزيرستان جي تعلقي برمل مان اغوا ڪيو ويو.
ڊاڪٽر نعمان علائقي ۾ ميڊيڪل ڪيمپ قائم ڪئي هئ، جتان هٿياربند ماڻهو کيس زبردستي کنڀي ويا.
مقامي اختيارين موجب، مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن جاري آهي، پر اڃا تائين ڪنهن به گروپ واقعي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.
مقامي اڳواڻن اغوا جي واقعن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ٻن ڏينهن اندر مغوين کي آزاد ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو.
واضح رهي ته خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن، خاص طور تي ڏکڻ وزيرستان ۾ سرڪاري ملازمن جي اغوا جا واقعا تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن.
گذريل هڪ مهيني دوران لڪي مروت، بنون ۽ باجوڙ سميت ٻين علائقن مان ٻه درجن کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿي چڪا آهن.
ان کان اڳ پاڪستان اٽامڪ انرجي ڪميشن جي هڪ منصوبي تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي به کنڀيو ويو، جن جي بازيابي لاءِ هڪ مهينو گذري چڪو آهي پر ڪا به اڳڀرائي سامهون ناهي آئي.
گذريل ڏينهن لڪي مروت جي جرڳي ۾ مقامي اڳواڻن طالبان کان مغوين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ته ٽن ڏينهن اندر بازيابي نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو.
ان کانسواءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن کان به مطالبو ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن بيگناهه کي حراست ۾ ورتو ويو آهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.