“هيءَ جعلي پارليامينٽ آهي“، اچڪزئي جو حڪومتي ڪميٽين ۾ نه ويهڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) محمود خان اچڪزئي حڪومتي ڪميٽين ۾ شامل نه ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پارليامينٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هو حڪومت سان لاڳاپيل سڀني ڪميٽين تان استعيفيٰ ڏئي رهيو آهي ۽ پي ٽي آءِ کي به صلاح ٿو ڏي ته اهي به حڪومتي ڪميٽيون ڇڏي ڏين.
هن تجويز پيش ڪئي ته پارليامينٽ کان ٻاهر پنهنجو الڳ ايوان قائم ڪيو وڃي، جنهن جو اسپيڪر اسد قيصر هجي ۽ 100 کان وڌيڪ ميمبر ان جو حصو بڻجن ته جيئن عوام کي ٻڌائي سگهون ته اصل نمائندا ڪير آهن.
محمود خان اچڪزئي چيو ته هو پهرئين ڏينهن کان چئي رهيو آهي ته هيءَ جعلي پارليامينٽ آهي، پي ٽي آءِ جو مينڊيٽ چورايو ويو آهي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آءِ ايم ايف جو وفد عدالت ۾ ويو.
ترڪ صورتحال تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ترڪ فوجي قيادت صدر طيب اردگان کي عهدو ڇڏڻ تي مجبور ڪيو، پر عوام آئيني سرشتي جو ساٿ ڏنو ۽ اردگان کي ٻيهر اقتدار تائين پهچايو.
ٻئي پاسي بئريسٽر گوهر پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي مايوس ڪندڙ قرار ڏيندي چيو ته پي ٽي آءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ته ايوان هلي پر کين قومي اسيمبلي ۾ اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ جو موقعو نه ڏنو ويو، جيڪو مذمت جوڳو عمل آهي.
صاحبزاده حامد رضا چيو ته پارليامينٽ جي تاريخ ۾ اهڙي ناڪامي پهرين ڪڏهن به نه ڏسڻ ۾ آئي، ڇو ته هن سال نه رڳو پارليامينٽ تي حملو ٿيو پر اسٽينڊنگ ڪميٽين جا ايجنڊا به تبديل ڪيا ويا.
هن خبردار ڪيو ته هو اڄ سڀني مسئلن تي پارليامينٽ ۾ ڳالهائڻ لاءِ تيار هئا، پر موقعو نه مليو، جيڪڏهن حڪومت ٽڪراءُ چاهي ٿي ته پوءِ هو به ٽڪراءُ لاءِ تيار آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.