رات جو تڪڙي سمهڻ سُٺي عادتن مان هڪ آهي پر اڄڪلهه جي ٽيڪنالاجي واري دور ۾ خاص ڪري موبائل جي وڌندڙ استعمال سبب نه رڳو ان سُٺي عادت کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي پر رات جو دير جاڳڻ، ڪچهري ڪرڻ يا انٽرنيٽ جي استعمال کي وقت جي ضرورت جي سمجهيو پيو وڃي.
پر رات جو تڪڙي سمهڻ واري عادت صحتمند زندگي جي عادتن مان هڪ آهي جنهن سان ڪنهن به انسان کي صحت، جسماني ڦڙتي طاقت توڙي مدافعتي ۽ ذهني تندرستي لاءِ ضرور اختيار ڪرڻ گهرجي.
تڪڙي سمهڻ جسم کي آرام ڏيندڙ تازو توانو ننڊ مان اٿڻ جو موقعو فراهم ڪندو آهي. تڪڙي سمهڻ جا جسم ۽ مدافعتي نظام لاءِ تمام گهڻا فائدا آهن.
تڪڙي سمهڻ سان جسم ۾ هارمونز جي گهربل مقدار ۽ صحتمند رطوبت کي وڌائڻ ۾ مدد ملندي آهي. اهو ذهني ٿڪاوٽ کي گهٽائي ٿو ۽ علمي سوچ، ڌيان ڏيڻ توڙي ياد داشت کي به وڌائيندو آهي.
سُٺي، مڪمل ۽ گهربل ننڊ صحت تي هاڪاري اثر ڇڏڻ سان گڏ ناڪاري طبي حالتن کان به بچائيندي آهي. تڪڙي سمهڻ واري عادت جسم کي سوڄ جو مقابلو ڪرڻ ۾ به مدد ڪندو آهي ۽ چمڙي جي رنگ ۾ تازگي ۽ صحت کي وڌائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندي آهي.
انکانسواءِ تڪڙي سمهندڙ ماڻهن جي ڏندن جي صحت به مضبوط ٿيندي آهي.
ماهرن مشورو ڏنو آهي ته بالغ ماڻهن کي روز 6 کان 7 ڪلاڪ ننڊ ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ٻارن جي لاءِ اهو مدو وڌائڻ گهرجي.
سوير سمهڻ ۽ سوير اٿڻ سان نظر ڪمزور ٿيڻ جي مسئلن کان به بچي سگهجي ٿو، جڏهن ته اهو عمل تڪڙي ڪراڙپ کان به بچائيندو آهي.