پاڪستان آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو شرط پورو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ويب ڊيسڪ) پاڪستان آءِ ايم ايف جي شرط تحت ترقياتي منصوبن لاءِ نئون اسڪور ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن سان ايندڙ مالي سال لاءِ عوامي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي ) وڌيڪ محدود ڪيو ويندو.
منصوبا بندي ڪميشن پبلڪ انويسٽمينٽ پروسيجر اينڊ پيٽرول تي ٻڌل هدايت نامو جاري ڪيو آهي، جنهن تحت پي ايس ڊي پي ۾ رڳو ترجيحي منصوبا شامل ڪيا ويندا.
دستاويز موجب، ايندڙ مالي سال دوران رڳو 10 سيڪڙو نيون ترقياتي رٿائون شامل ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته صوبائي نوعيت جي منصوبن جي مالي مدد تي پابندي هوندي، ها پر وفاقي حڪومت مخصوص علائقائي منصوبن جي مدد جاري رکندي.
ياد رهي ته موجوده مالي سال دوران به پي ايس ڊي پي جي بجيٽ ۾ 300 ارب رپين جي ڪٽوتي ڪئي وئي هئي.
شروعاتي بجيٽ ۾ 1400 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، پر بعد ان کي گهٽائي 1100 ارب رپيا ڪيو ويو.
ٻئي پاسي وفاقي وزارتون ۽ ڊويزنز اڳ ئي پي ايس ڊي پي جو استعمال محدود ڪري چڪيون آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.