اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان، ٽرمپ-مودي ملاقات جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ پاڪستان حوالي کي هڪ طرفو، ورغلائيندڙ، حيرت جوڳو ۽ سفارتي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو.
گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي وچ ۾ ٿيل ملاقات کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ پاڪستان کان مطالبو ڪيو ويو هو ته هو ممبئي ۽ پٺاڻ ڪوٽ حملن جي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪري ۽ پنهنجي سرزمين سرحد پار دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏئي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان کي جديد ٽيڪنالاجي ڀارت منتقل ڪرڻ تي شديد خدشا آهن.
هن چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان ۽ آمريڪا جي گڏيل سهڪار باوجود اهڙي بيان جو اچڻ حيران ڪندڙ آهي.
سندس چوڻ هو ته ڀارت ڪنهن به گڏيل بيان ۾ اهڙا حوالا شامل ڪرائي پنهنجي دهشتگردي جي حمايت، محفوظ ٿاڪن ۽ ملڪ کان ٻاهر عدالت کان مٿانهين قتل عام کي نٿو لڪائي سگهي.
ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪستان، ڀارت ۽ آمريڪا جي گڏيل پڌرائيءَ کي بي بنياد، غلط ۽ سفارتي قدرن جي ڀڃڪڙي ورزي سمجهي ٿو.
ترجمان چيو ته پاڪستان دهشتگردي سبب متاثر ٿيل ملڪ هجڻ جي ناتي عالمي امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.
بريفنگ دوران پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو جي ان بيان کي به رد ڪري ٿو، جنهن ۾ هن فلسطيني عوام کي سعودي عرب منتقل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.
ترجمان موجب، ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي پاڪستان دوري دوران پاڪ-ترڪ قبرص جي عوام جي حمايت جو عزم ورجايو، جڏهن ته ترڪيه ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪئي.
وزيراعظم شهباز شريف جي گڏيل عرب امارات جي دوري بابت ڳالهائيندي ترجمان ٻڌايو ته وزيراعظم گلوبل گورنمنٽس سمٽ ۾ شرڪت ڪئي ۽ يو اي اي جي قيادت سميت عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪيون.
Next Post
You might also like