ريڊ لائين بي آر ٽي رٿا، اهم هدايتون جاري

ڪراچي )ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي جي اڳڀرائي تيز ڪرڻ ۽ سمورين رنڊڪن کي فوري ختم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
شرجيل ميمڻ جي صدارت هيٺ ريڊ لائن بي آر ٽي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو، بورڊ آف ڊائريڪٽرز جو ميمبر سروش لوڌي، بين الاقوامي صلاحڪار ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا، جڏهن ته سيڪريٽري پي اينڊ ڊي نجم شاهه آن لائن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ريڊ لائن بي آر ٽي جي اڏواتي مسئلن، يوٽيلٽيز جي منتقلي ۽ بايو گيس پلانٽ جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سي اي او ٽرانس ڪراچي طارق منظور چانڊيو منصوبي جي اڳڀرائي ۽ درپيش چئلينجن تي بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ڪراچي جي پبلڪ ٽرانسپورٽ نظام جو اهم حصو آهي، حڪومت ان جي وقت سر مڪمل ٿيڻ لاءِ پرعزم آهي.
سندس چوڻ هو ته يوٽيلٽيز جي منتقلي سميت سمورن چئلينجن کي حل ڪرڻ لاءِ عملدار تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن.
هن هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ادارا مڪمل هم آهنگي سان گڏجي ڪم ڪن ته جيئن منصوبي کي تيزيءَ سان مڪمل ڪري سگهجي، عوام کي پيش ايندڙ ڏکيائين جو خاتمو چاهيون ٿا، ان لاءِ منصوبي ۾ غير ضروري دير برداشت نه ڪئي ويندي.
شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته سخت مانيٽرنگ ذريعي منصوبي جي بنا رنڊڪ مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو ويندو.
هن چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ڪراچي جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ هڪ انقلابي تبديلي آڻيندي ۽ شهري ماحول دوست عوامي ٽرانسپورٽ مان لاڀ ماڻي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.