فائدن بدران نقصانن کان بچڻ لاءِ ناشتي ۾ ڀلو کاڌو ڪهڙو؟

اها ته سڀ ڪنهن کي خبر هوندي ته ناشتو ڪرڻ صحت لاءِ ڪيترو فائديمند آهي، اسان به ڪيترائي ڀيران اهڙي فائدن بابت ٻڌائي چُڪا آهيون. ناشتو نه ڪجي ته جسم توڙي صحت تي ڪيترائي نقصانڪار اثر پون ٿا جن بابت به اسان چڱي ريت وضاحت ڪئي آهي.

پر ڇا توهان کي خبر آهي ته ناشتو ڪرڻ لاءِ کاڌي جي چونڊ به انتهائي اهم هوندي آهي ۽ جيڪڏهن توهان بس رڳو اهو طئي ڪندي ته ناشتو ڪرڻ جو فرض پورو ڪرڻو آهي ۽ ڪا به شيءِ نيراني کائي ڇڏي ته اها توهان کي فائدن بدران نقصان ڏئي سگهي ٿي.

اڄ اسان اوهان کي ناشتي ۾ کاڌي جي غلط ۽ صحيح چونڊ بابت ٻڌائينداسين.

ناشتي ۾ صحتمند خوراڪ جو استعمال ڪرڻ دل جي صحت لاءِ انتهائي ضروري هوندو آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ناشتي ۾ سراسري توانائي جي مقدار جو جائزو ورتو آهي ۽ اها ڀيٽ ڪئي وئي آهي ته پروٽين، سڻڀ، فائبر ۽ ٻيون غذائي شيون هڪ شخص لاءِ روز جي خوراڪ هجڻ گهرجن.

صحت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪو ماڻهو نيراني گهربل مقدار ۾ ڪيلوريز کائيندو آهي ۽ معياري کاڌو کائي ٿو ته انکي دل جي بيمارين جا خطرا تمام گهٽ ٿيندا آهن.

اسپين جي اسپتال ڊيل مار ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي هڪ ماهر الوارو هرنيز چيو ته ناشتو سڄي ڏينهن جو سڀ کان اهم کاڌو آهي پر ان مهل توهان کائو ڇا ٿا ان ڳالهه جي وڏي اهميت آهي.

هن ٻڌايو ته ناشتي ۾ غذائيت سان ڀرپور کاڌن جو ٿوري مقدار ۾ استعمال تمام ضروري آهي، اسان جي انگ اکرن مان خبر پئي ٿي ته صحت جي حوالي سان بهترين معيار جو ناشتو بهتر دل جي صحت سان جڙيل آهي. ناشتي ۾ ڪهڙيون گهرجون آهن اوترو ئي اهم آهن جيترو ناشتو ڪرڻ اهم آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.