هيوي گاڏين تي پابندي وارو مامرو، ٽرانسپورٽرز وفد جي صوبائي وزيرن سان ملاقات

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مختلف ايسوسيئيشنن جي ٽرانسپورٽرن جي وفد سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضيا الحسن لنجار ۽ ايڪسائيز وزير مڪيش ڪمار چاولا سان ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ شهر ۾ ٽرانسپورٽ جي شعبي کي درپيش مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان موقعي تي سيڪريٽري ايڪسائيز محمد سليم راجپوت، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، سي سي پي او ڪراچي جاويد عالم اڍو، ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما سميت ٻين اهم عملدارن شرڪت ڪئي.
ٽرانسپورٽ وفد ۾ لياقت محسود، حاجي مقصود محسود، حاجي يوسف، حاجي خير زمان محسود، طارق گجر، حاجي بادشاهه خان محسود، ملڪ ياسين نيازي، جان عالم محسود، حاجي عمر دراز باجوڙي، عبدالحمد بنگش، حاجي طور خان، سردار سلامت، ڪفيل خان شامل هئا.
ملاقات ۾ ڪراچي گڊز ڪيريئرز ايسوسيئيشن، ڊمپر ايسوسيئيشن، سنڌ گڊز ٽرڪ ٽريلر اونرز ايسوسيئيشن ۽ واٽر ٽينڪرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي.
ٽرانسپورٽرن شهر ۾ داخلا جي مخصوص وقتن تي لڳايل پابندين بابت پنهنجون پريشانيون ظاهر ڪيون.
سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ وفد کي حڪومت پاران هڪ ڪلاڪ واڌو وقت ڏيڻ واري فيصلي بابت آگاهه ڪيو.
هن چيو ته هاڻي وڏيون گاڏيون رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين شهر ۾ داخل ٿي سگهن ٿيون، جنهن سان انهن جي آپريشنز ۾ وڌيڪ لاچاري ايندي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرن جي مسئلن کان واقف آهي ۽ انهن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ٽرانسپورٽ جي داخلا جي وقت ۾ واڌ جو فيصلو ٽرانسپورٽرن جي مشڪلاتن کي گهٽائڻ ۽ آپريشن کي آسان بڻائڻ لاءِ هڪ قدم آهي.
سينيئر وزير واضح ڪيو ته سڀني وڏين ٽرانسپورٽ گاڏين لاءِ رجسٽريشن ۽ فٽنيس سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ ضروري آهي. ٻين صوبن مان ايندڙ گاڏين کي به سنڌ ۾ رجسٽريشن ڪرائڻ ۽ فٽنس سرٽيفڪيٽ وٺڻ لازمي هوندو.
گهرو وزير ضيا الحسن لنجار چيو ته ٽرانسپورٽرن کي اهڙن قدمن کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪي ٽريفڪ ۾ رنڊڪ جو سبب بڻجن. عوام لاءِ پريشاني جو باعث بڻجندڙ ڪنهن به عمل کي سختي سان منهن ڏنو ويندو.
هن چيو ته ڪراچي جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. عوامي زندگي متاثر ڪندڙ قدمن کي برداشت نه ڪيو ويندو.
ضيا الحسن لنجار ٽرانسپورٽرن کي اپيل ڪئي ته اهي مسئلن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪن، ڇو ته انهن جو سياست سان ڪو واسطو ناهي.
ٽرانسپورٽرن جي اڳواڻن حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته شهر ۾ داخلا جي وقت ۾ اضافي سان سندن لاجسٽڪ مسئلن ۾ گهٽتائي ايندي.
وفد يقين ڏياريو ته گاڏين جي رجسٽريشن ۽ فٽنس سرٽيفڪيٽ جي حوالي سان حڪومت جي فيصلي کي قبول ڪيو ويندو ۽ مسئلن جي حل لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.