ايپل آءِ فون واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري

ايپل 19 فيبروري تي پنهنجو نئون ۽ سستو آءِ فون متعارف ڪرائڻ وارو آهي.
ڪمپني جي سي اي او ٽم ڪڪ ايڪس (اڳوڻو ٽوئيٽر) تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته ايپل جي نئين ڊيوائس لاءِ تيار ٿيو.
اميد آهي ته اهو فون آءِ فون ايس اي فور هوندو، جنهن بابت اڳ ۾ ئي ڪيترائي ليڪس سامهون اچي چڪا آهن.
هن فون ۾ 6.1 انچ او ايل اي ڊي اسڪرين، آءِ فون 14 جهڙو ڊيزائن، 48 ميگا پڪسل بيڪ ۽ 24 ميگا پڪسل فرنٽ ڪيمرا هوندي.
ان ۾ اي 18 پروسيسر، يو ايس بي سي پورٽ ۽ امڪاني طور تي ايپل جو پنهنجو تيار ڪيل 5 جي موڊيم پڻ شامل هوندو.
ايپل پهريون آءِ فون ايس اي 2016 ۾ متعارف ڪرايو هو، جنهن جو مقصد سستو پر جديد فيچرز سان ليس آءِ فون فراهم ڪرڻ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.