زالن کي پرڏيهي دورن تي وٺي وڃڻ تي پابندي، ڀارتي بورڊ جي نئين پاليسي تي عمل شروع

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) چيمپيئنز ٽرافي 2025 لاءِ رانديگرن جي فيملي پاليسي تي عملدرآمد شروع ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، چيمپيئنز ٽرافي دوران ڀارتي ڪرڪيٽر پنهنجي گهرڀاتين کي دوري تي پاڻ سان گڏ نه وٺي وڃي سگهندا.
پرڏيهي ميڊيا موجب، چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي ٽيم 15 فيبروري تي دبئي رواني ٿيندي.
بورڊ پاليسي موجب، 45 ڏينهن کان وڌيڪ پرڏيهي دوري دوران رانديگرن کي 2 هفتا فيملي گڏ رکڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته هڪ مهيني کان گهٽ ٽور تي فيمليءَ کي گڏ نٿو رَهائي سگهجي.
پاليسي موجب، جيڪڏهن ڪو رانديگر فيملي گڏ وٺي وڃڻ چاهي ته کيس سمورا خرچ پاڻ ڀرڻا پوندا.
ياد رهي ته بي سي سي آءِ اها پاليسي آسٽريليا خلاف بارڊر-گواسڪر ٽرافي ۾ ڀارت جي شڪست کانپوءِ متعارف ڪرائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.