ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ 2017 ۾ پاڪستان کي چيمپيئنز ٽرافي ۾ فاتح بڻائيندڙ سرفراز احمد چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي سيمي فائنلسٽ ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
چيمپئنز ٽرافي 19 فيبروري کان پاڪستان ۾ شروع ٿيندي، جڏهن ته ڀارتي ٽيم پنهنجون ميچون دبئي ۾ کيڏندي.
سرفراز احمد موجب، پاڪستان، ڀارت، آسٽريليا ۽ افغانستان سيمي فائنل لاءِ مضبوط اميدوار آهن.
هن چيو ته پاڪستان تي هوم گرائونڊ جو دٻاءُ هوندو، خاص طور تي جيئن هو دفاعي چيمپيئن آهي ۽ مداحن جون اميدون به وڌيل آهن.
سرفراز احمد افغانستان کي خطرناڪ ٽيم قرار ڏيندي چيو ته هو ٽورنامينٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
هن پاڪستان جي بالنگ کي به ساراهيندي شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف کي دنيا جي بهترين بالر مان هڪ قرار ڏنو.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آءِ سي سي طرفان سرفراز احمد کي چيمپئنز ٽرافي 2025 جو سفير مقرر ڪيو ويو هو.
Next Post
You might also like