بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ وارو هنڌ اوهان جيڪڏهن ڏٺو هوندو ته اهو عام طور تي پرسڪون ۽ چپ چاپ واري ماحول وارو هوندو آهي.
ڊاڪٽر توڙي مريض اهو سمجهندا آهن ته ان پرسڪون ماحول ۾ بلڊ پريشر چيڪ ڪرڻ
لاءِ ٻين مسئلن کان گڏ هڪ اهو مسئلو به هوندو آهي ته اهي ڪنهن لڙ واري هنڌ تي بلڊ پريشر چيڪ ڪرائڻ کان پاسو ڪندا آهن.
پر هاڻي ماهرن چيو آهي ته لڙ واري هنڌ تي بلڊ پريشر جي ريڊنگ ۾ ڪو فرق ناهي هوندو، لڙ واري هنڌ به بلڊپريشر سولائيءَ سان چيڪ ڪري سگهي ٿو.
هڪ نئين تحقيق ۾ پرائيويٽ آفيسن ۽ عوامي هنڌن تي چيڪ بلڊ پريشر واري ريڊنگ ۾ تمام ٿورو فرق ڏٺو ويو آهي.
اهڙي تحقيق عوامي هنڌن تي چيڪ ٿيندڙ بلڊ پريشر جي اسڪريننگ لاءِ فائديمند ٿي سگههي ٿي.
بالٽي مور ۾ جانز هاپڪنزيونيورسٽي جي ماهرن چيو آهي ته اهڙا نتيجا عوامي هنڌن تي وڏي پيماني تي اسڪريننگ پروگرامن کي لاڳو ڪرڻ ۾ مددگار آهن.
سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 1.4 ارب ماڻهو هاءِ بلڊ پريشر جو شڪار آهن پر رڳو سيڪڙو اهڙي مرض کان باخبر آهن ۽ رڳو ويهه سيڪڙو ئي ان تي ضابطو رکندا آهن.
اهو ئي سبب آهي ته سڄي دنيا ۾ بلڊ پريشر موت جو سڀ کان وڏو سبب بڻجي رهيو آهي.