بئنگلورو (ويب ڊيسڪ مشهور ڀارتي ريپر اڀينو سنگهه عرف جگرناٿ زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، 32 ورهين جو ريپر بينگلورو ۾ مسواڙ تي ورتل اپارٽمينٽ مان مئل حالت ۾ مليو، جتي هو هڪ هفتو اڳ شفٽ ٿيو هو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته جگرناٿ پنهنجي روم ميٽ سان گڏ ماني کاڌي، ان کانپوءِ پنهنجي ڪمري ۾ وڃي زهر پي آپگهات ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران فوتي جي ڪمري مان ڪو به خط هٿ نه آيو، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ زهر بابت رپورٽ جو انتظار ڪيو پيو وڃي.
ٻئي پاسي جگرناٿ جي وارثن سندس زال تي ذهني دٻاءُ وجهڻ ۽ هراسان ڪرڻ جو الزام مڙهيو آهي.
ڀارتي رياست اُڙيسه ۾ وارثن سندس گهرواري ۽ ٻين ماڻهن خلاف ڪارروائي لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي.
You might also like