ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ فلم ”صنم تيري قسم“ جي هدايتڪارا راڌيڪا رائو فلم جي ناليواري اداڪارا ماورا حسين جي تعريفن جا بند ٻڌي ڇڏيا.
راڌيڪا رائو تازو فلم ”صنم تيري قسم“ جي ساٿي هدايتڪار وني سپرو سان گڏ انٽرويو ڏنو آهي.
ان دوران راڌيڪا رائو پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين جي نه رڳو اداڪاراڻي صلاحيتن پر سادگي جي به ساراهه ڪئي.
راڌيڪا رائو فلم جي هڪ سين جي ياد تازي ڪندي ٻڌايو ته هڪ گاني جي سين ۾ ماورا حسين کي مڇي کي چمي ڏيڻي هئي، ان سين جي گهڙي گهڙي ري ٽيڪ دوران ماورا حسين سڄو ڏينهن الٽيون ڪندي رهي.
هدايتڪارا جو چوڻ هو ته ماورا حسين جي جڳهه تي ڪو به اداڪار هجي ها ته اهو سين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ها، ماورا حسين کي سلام آهي جو هن چيو ته نه مان اهو سين ڪنديس، ماورا حسين اسان جي گهٽ بجيٽ واري فلم هجڻ باوجود ڪوئي نخرو نه ڏيکاريو.
راڌيڪا رائو وڌيڪ چيو ته ماورا حسين اسان کي سڄو ڏينهن محسوس به ڪرڻ نه ڏنو ته هو الٽيون ڪري رهي آهي، ان ڳالهه جي اسان کي شام جو خبر پئي ته ماورا ڪيترو ڏکيو ڏينهن گذاريو آهي.
هن اداڪارا جي ساراهه ڪندي چيو ته گانو ”تو کينچ ميري فوٽو“ ڏسي ڪوئي اندازو ئي نٿو لڳائي سگهي ته هي گانو ايتريون الٽيون ڪري ٺاهيو ويو آهي.