بابر اعظم ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نئين تاريخ لکي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ تجربيڪار بيٽر بابر اعظم هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين ڇهه هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون.
ابر اعظم ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٽه ملڪي سيريز جي فائنل دوران نيوزيلينڊ خلاف بيٽنگ ڪندي پنهنجي اننگز جو ڏهين رنس ٺاهي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ تيز ترين ڇهه هزار رنسون مڪمل ڪيون.
بابر اعظم 123 اننگز ۾ 6 هزار رنسون مڪمل ڪندي ڏکڻ آفريڪا جي هاشم آملا جو رڪارڊ برابر ڪري ڇڏيو.
بابر اعظم تيز ترين 6 هزار رنسون ٺاهيندڙ پهريون ايشيائي بيٽر به بڻجي ويو، ڇو ته ڀارت جي ويرات ڪوھلي کي اهو ڪارنامو انجام ڏيڻ لاءِ 136 دفعا بيٽنگ ڪرڻي پئي هئي.
ان کانسواءِ بابر اعظم 6 هزار ون ڊي رنسون ٺاهيندڙ 11 هون پاڪستاني بيٽر بڻجي ويو آهي.
ان کان اڳ انضمام الحق، محمد يوسف، سعيد انور، شاهد آفريدي، شعيب ملڪ، جاويد ميانداد، يونس خان، سليم ملڪ، محمد حفيظ ۽ اعجاز احمد به اِهو ڪارنامو انجام ڏئي چڪا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.