اهم ڪيوي ڪرڪيٽر چيمپيئنز ٽرافي مان آئوٽ

ڪرائسٽ چرچ (ويب ڊيسڪ) چيميپئنز ٽرافي کان اڳ رانديگرن چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿيڻ جو سلسلو جاري، نيوزيلينڊ جو فاسٽ بالر بين سيئرز به انجري جو شڪار ٿي ٽورنامنيٽ مان ٻاهر ٿي ويو.
نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ موجب، بين سيئرز هيمسٽرنگ انجري سبب چيمپيئنز ٽرافي مان ٻاهر ٿي ويو، کيس اربع ڏينهن ڪراچي ۾ ٽريننگ دوران انجري ٿي.
بين سيئرز جي جاءِ تي جيڪب ڊفي کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو اڳ ۾ ئي ٽه ملڪي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ ٽيم سان گڏ پاڪستان ۾ موجود آهي.
ٻئي پاسي آءِ سي سي ايونٽ جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي نيوزيلينڊ جي اسڪواڊ ۾ تبديلي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ياد رهي ته پاڪستان جو صائم ايوب ۽ ڀارت جو جسپريت بمرا به انجري سبب ايونٽ مان ٻاهر ٿي ويا آهن، جڏهن ته آسٽريلوي ڪپتان پيٽ ڪمنز، مچل مارش، ڪيمرون گرين، جوش هيزل ووڊ جي انجري کانپوءِ فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ ذاتي سببن جي بنياد تي ٽورنامينٽ کيڏڻ تان هٿ کڻي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.