ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ناليواري اداڪارا غزل صديق دوکي باز مڙسن جي نشاني ٻڌائي ڇڏي.
غزل صديق تازو هڪ نجي ٽي وي جي شو ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن پرڻيل مردن جي ٻين عورتن سان لاڳاپن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي.
هن ٻڌايو ته اسان جي آس پاس گهڻيون اهڙيون عورتون آهن جيڪي اسان کي چونديون هيون ته اسان جا مڙس تمام گهڻو پيار ڪندڙ آهن، اسان کي هميشه مهانگا مهانگا تحفا ڏيندا آهن پر اسان انهن جي مڙسن کي ٻين عورتن سان ڳجها لاڳاپا قائم ڪندي ڏٺو.
اداڪارا چيو ته اصل ۾ مرد پنهنجي زالن جو ڌيان مهانگا مهانگا تحفا ڏئي هٽائيندا آهن ته جئين ٻين عورتن سان پنهنجا لاڳاپا لڪائي سگهن.
هن چيو ته سوشل ميڊيا اڄ جي دور ۾ ماڻهن ۾ گهڻي مايوسي ڦهلائي آهي، ڇو جو مشهور شخصيتون، وي لاگرز وغيره جهڙيون جون وڊيوز ۽ تصويرون پنهنجي اڪائونٽن تي پوسٽ ڪندا آهن انهن کي ڏسي ڪجهه ماڻهو اهو سوچڻ لڳن ٿا ته انهن جي اصل زندگي به اهڙي ئي عاليشان آهي.
غزل صديق وڌيڪ چيو ته ڪيترائي ڀيرا جيڪو ڪجهه اسان سوشل ميڊيا تي ڏسي رهيا هوندا آهيون حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي.
هن اهو به چيو ته اسان کي ڪنهن جو محل ڏسي پنهنجي جهوپڙي ساڙڻ نه گهرجي.