ممبئي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڇوڪرن ڀارتي ماڊل ۽ اداڪارا راکي ساونت کي روئاري ڇڏيو.
اهڙي دعويٰ بالي ووڊ جي مشهور ۽ تڪراري شخصيت راکي ساونت ڪئي آهي جيڪا هنن ڏينهن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ٻنهي جڳهن تي خبرن جي زينت بڻيل آهي.
خاص طور پاڪستاني ادڪار دودي خان ۽ مفتي قوي سان راکي ساونت جي امڪاني شادي جون خبرون سرگرم آهن.
پاڪستاني مداحن طرفان شادي جي آڇن به راکي ساونٿ جي مقبوليت ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي سڀني جون نظرون ان ڳالهه تي کتل آهن ته ڇا هو واقعي ڪنهن پاڪستاني سان شادي ڪندي يا نه.
هڪ انٽرويو ۾ ميزبان مٿيرا سان ڳالهائيندي چيو ته راکي انڪشاف ڪيو ته پاڪستاني ڇوڪرن روئاري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته پهرين دودي خان شادي جو واعدو ڪيو هو، پر پوءِ هو پوئتي هٽي ويو ۽ پنهنجي ڀائرن سان شادي جون تجويزون ڏيڻ لڳو، هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر هو گلن ۽ منڊي سان گڏ منهنجي ويجهو اچڻ جي دعويٰ ڪري رهيو آهي.
ڀارتي اداڪارا پروگرام ۾ چيو ته مفتي قوي طرفان به شادي جي آڇ ٿي چڪي آهي، پر ڪير به پنهنجي ڳالهه تي قائم ناهي رهيو، جنهن جي ڪري مان پريشان آهيان.