ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي پابندي لڳائي وئي آهي.
ڪمشنر ڪراچي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، شهرين جي تحفظ ۽ ٽريفڪ جي وهڪري کي بهتر بڻائڻ لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن تحت صبح 6 وڳي کان رات 10 وڳي تائين هيوي ٽريفڪ جي اچ وڃ تي پابندي هوندي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته رات 10 وڳي کان صبح 6 وڳي تائين هيوي ٽريفڪ کي شهر ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي.
ڪمشنر ڪراچي موجب، دوائن، پاڻي کڻي وڃڻ وارين گاڏين تي اِها پابندي لاڳو نه هوندي.
ياد رهي ته ڪراچي ۾ ڊمپرن جي ٽڪرن سبب ٿيندڙ حادثن ۾ هلندڙ سال 108 ڄڻا حياتيون وڃائي چڪا آهن، جڏهن ته حادثن کانپوءِ مڇريل ماڻهن طرفان گاڏين کي ساڙڻ جا ڪيترائي واقعا پڻ رپورٽ ٿيا آهن.
You might also like