ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽه ملڪي سيريز جي فائنل ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 243 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو.
ڪراچي جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ جاري فائنل ۾ پاڪستان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
فخر زمان ۽ بابر اعظم اننگز جي شروعات ڪئي، فخر 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته سعود شڪيل 8 ۽ بابر اعظم 29 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو.
محمد رضوان ۽ سلمان علي آغا ذميواراڻي راند جو مظاهرو ڪندي ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو. ٻنهي جي وچ ۾ 88 رنسن جي ڀائيواري قائم ٿي، پر رضوان 46 ۽ سلمان علي آغا 45 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا.
طيب طاهر 38 رنسون ٺاهي سگهيو، جڏهن ته باقي بيٽر اسڪور کي 242 تائين ئي پهچائي سگهيا، پوري ٽيم آخري اوور ۾ آل آئوٽ ٿي وئي.
نيوزيلينڊ طرفان ول اورورڪي 4 جڏهن ته مائيڪل بريسويل ۽ مچل سينٽنر 2-2 وڪيٽون ورتيون.
ٽه ملڪي سيريز جو فائنل: پاڪستان وڏو هدف ڏيڻ ۾ ناڪام، نيوزيلينڊ کي کٽڻ لاءِ 243 رنسن جو هدف
You might also like