چيمپيئنز ٽرافي جي فاتح ٽيم کي ڪيتر رقم ملندي؟ آءِ سي سي اعلان ڪري ڇڏيو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) چيمپيئنز ٽرافي جي انعامي رقم جو اعلان ڪري ڇڏيو .
آءِ سي سي جي مجموعي انعامي رقم ۾ گذريل ايڊيشن جي ڀيٽ ۾ 53 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ موجب، آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي ۾ 69 لک ڊالرز جي انعامي رقم ورهائي ويندي، فاتح ٽيم کي 22 لک 40 هزار ڊالرز، جڏهن ته رنر اپ ٽيم کي 11 لک 20 هزار ڊالرز ملندا.
چيمپيئنز ٽرافي جي سيمي فائنل ۾ شڪست کائيندڙ ٻنهي ٽيمن کي 5 لک 60 هزار ڊالر ملندا.
گروپ مرحلي جي هر ميچ ۾ ڪاميابي تي فاتح ٽيم کي 34 هزار ڊالر جو انعام ڏنو ويندو.
پنجين ۽ ڇهين نمبر تي ايندڙ ٽيمن کي 3 لک 50 هزار ڊالر، جڏهن ته ستين ۽ اٺين پوزيشن تي ايندڙ ٽيمن کي 1 لک 40 هزار ڊالر ملندا.
ان کانسواءِ سڀني ٽيمن کي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت لاءِ 1 لک 25 هزار ڊالر پڻ ڏنا ويندا.
ياد رهي ته آءِ سي سي چيمپئنز ٽرافي 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين پاڪستان جي ميزباني ۾ کيڏي ويندي، هي 1996 کانپوءِ پاڪستان ۾ ٿيندڙ پهريون آءِ سي سي ايونٽ آهي.
ميچون ڪراچي، لاهور ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون، جڏهن ته ڀارت جي ٽيم پنهنجون ميچ دبئي ۾ کيڏندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.