آغا خان اسپتال جو گند ساڙڻ سبب زهريلو دونهون،ملير جا ڳوٺاڻا خطري ۾

ڪراچي (رپورٽ: عدنان هاشمي) ملير جي ٻهراڙين وارا علائقا خير محمد خاصخيلي ڳوٺ، ڪوڏير ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ ماحولياتي ۽ صحت جي سنگين مسئلن جي ور چڙهيل آهن، انهن مسئلن جو بنيادي ڪارڻ ايجوڪيشن سٽي ۾ قائم آغا خان فيڪٽري جون سرگرميون آهن، جنهن نه رڳو مقامي  رهواسين جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي پر ماحوليات، چوپائي مال، فصلن ۽ روزگار کي به تباهي ڪناري پهچائي ڇڏيو آهي. 32 کان وڌيڪ ڳوٺ ان سنگين مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن، جتان جا رهواسي نسلن کان آباد آهن، ذريعن موجب الاٽ ڪيل زمين تي قائم ان فيڪٽري ۾ آغا خان جي سڀني اسپتالن جو گند ڪچرو، ڪپڙا، انساني فضلو، آپريشن جي سامان سميت سمورو ميڊيڪل ويسٽ ساڙيو يا ٺڪاڻي لڳايو ويندو آهي، جنهن سبب 8 کان 10 ڪلو ميٽر جي دائري ۾ فيڪٽري جي زهريلي هوا ڳوٺ جي فضا کي ناقابل برداشت بڻائي ڇڏيو آهي، مختلف وقتن ۾ نڪرندڙ دونهين سبب سَهڪ، اکين جي سڙڻ، ڳلو خراب ٿيڻ ۽ مٿي ۾ سور جهڙيون علامتون عام آهن، ان حوالي سان جڏهن عوامي آواز جي نمائندي متاثر علائقن جو دورو ڪري مقامي ماڻهن کان سوال پُڇيا، ته رهواسين دعويٰ ڪئي ته گذريل 8 سالن ۾ ٽي بي، هيپاٽائٽس سي، ساهه ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ تام گهڻي واڌ ٿي آهي، 2020 کان 2024ع تائين 58 ماڻهو زهريلي گدلاڻ سبب زندگي وڃائي چڪا آهن، ننڍي ڄمار جا ٻار ساهه ۽ چمڙي جي بيمارين ۾ وڌيڪ مبتلا ٿي رهيا آهن، مقامي استاد نواب خاصخيلي عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسان قسطن ۾ مري رهيا آهيون، اسان جو قتل ٿي رهيو آهي پر ڪير ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هيءَ اسان جي زمين آهي، گدلاڻ، بيماري يا آسرا نه، اسان کي انصاف کپي، مقامي ماڻهن مطالبو ڪيو ته فيڪٽري جو زهريلو دونهون خارج ڪرڻ جي عمل کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي، مقامي رستن، پاڻي ۽ گاهه تائين پهچ بحال ڪئي وڃي، صحت جي سهولتن ۾ واڌ ڪئي وڃي ۽ مستقل طبي ڪيمپون منعقد ڪيون وڃن، ماحولياتي نقصانن جو معاوضو ڏنو وڃي ۽ ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ڄاڻايل زمين آغا خان اسپتال کي 8 سال اڳ الاٽ ڪئي وئي، ڳوٺاڻن جي اعتراضن کي تسليم ڪندي انتظاميا ماحوليات ۽ صحت کي پيش خطرن کي منهن ڏيڻ، علائقي ۾ اسڪول ۽ اسپتالون ٺاهڻ ۽ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جا واعدا ڪيا، جيڪي اڄ ڏينهن تائين پورا نه ڪيا ويا، انتظاميا مقامي ماڻهن جي دٻاءَ کي گهٽائڻ لاءِ ڏينهن بدران رات جو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو، پر اهو ڪم مڪمل طور تي نه روڪيو ويو آهي، ٻي پاسي آغا خان اسپتال انتظاميا عوامي آواز کي ٻڌايو ته متاثر ڳوٺ ۾ ٻارن جي تعليم لاءِ هڪ اسڪول هلايو پيو وڃي، جڏهن ته ذريعا ڪجهه ٻيو ٿا ٻڌائين ته ان اسڪول جي عمارت ۽ اسٽاف سرڪاري آهي ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن طرفان به فنڊ ڪيو ويو آهي، آغا خان اسپتال انتظاميا طرفان رڳو هڪ ڪم يعني ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪرڻ ڪيو ويو آهي، ٻيو ته ڳوٺاڻن طرفان هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جيڪا ان اسڪول جا انتظام ۽ ٻيا معاملا هلائڻ ۾ مڪمل سهڪار ڪندي آهي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته آغا خان اسپتال جي دعويٰ ان وقت قبول ڪريون ها جڏهن مڪمل طور تي سمورا معاملا انهن جي ئي انتظاميا هلائي ها.

دونهين سبب ڳوٺن ۾ ڪجهه پل به ترسڻ ڏکيو آهي: حفيظ بلوچ

سنڌ انڊيجينس رائٽس الائنس جي جنرل سيڪريٽري حفيظ بلوچ عوامي آواز کي ٻڌايو ته متاثر ڳوٺ ۾ 30 منٽن کان وڌيڪ  نه ترسي سگهيس، ڇو ته اتي موجودگي دوران منهنجي ڳلي ۾ خرابي ۽ اکين مان ڳوڙها اچڻ شروع ٿي ويا ۽ ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي هئي، مان حيران آهيان ته اتان جا رهواسي 8 سالن کان اهو سڀ ڪجهه ڪيئن برداشت ڪري رهيا آهن ۽ اهڙي ماحول ۾ روز مرهه جي زندگي ڪيئن ٿا گذارين، هن چيو ته ضياءُ الدين يونيورسٽي ان قديم ٻهراڙين جي زمين تي موجود آهي پر مقامي ماڻهن لاءِ ڪا ڪوٽا ناهي رکي وئي، ائين ناهي ته اتان جا ماڻهو پڙهڻ نٿا چاهين يا وري قابل ناهن، اهي غربت سبب مهانگي يونيورسٽي جي فيس ادا نٿا ڪري سگهن،

سيپا جي ڪن لاٽار،  پراجيڪٽ اجازت نامي جو منتظر !

ڪنهن به پراجيڪٽ لاءِ سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي منظوري گهربل هوندي آهي، اها ايجنسي پراجيڪٽ بابت عوامي عدالت لڳائيندي آهي، اهڙي ئي هڪ عدالت ۾ مقامي ماڻهن ان پراجيڪٽ کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ان پراجيڪٽ کي اين او سي جاري نه ڪيو ويو ۽ اطلاعن موجب اڃا تائين اهو پراجيڪٽ قانوني طور تي سيپا جي اجازت نامي جو منتظر آهي، مقامي ماڻهن طرفان سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) کي فيڪٽري جي سرگرمين سبب صحت جي خراب صورتحال تي خط به لکيو ويو هو، پر اڃا تائين ان جو جواب ناهي ڏنو ويو، هنن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن سيپا ان فڪيٽري کي ڪم ڪرڻ جي واقعي اجازت ڏني آهي ته اهو ڪم غير قانوني آهي ۽ مقامي ماڻهن جو غير محسوس طريقي سان قسطن ۾ قتل آهي،

ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي زرعي زمينون ادارن کي نيلام

ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي ملير جون زرعي زمينون مختلف ادارن کي نيلام ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته مقامي ماڻهن لاءِ  ڪو تحفظ ناهي، فيڪٽري جي سرگرمين هوا، زمين ۽ پاڻي جي ناقابل استعمال بڻائي ڇڏيو آهي، ملير ندي، جيڪا ٻهراڙين لاءِ پاڻي جو ذريعو هئي،  اها تباهي ڪناري تي آهي،

انتظاميا ڪنڊيدار تارون هڻي رستا بند ڪري ڇڏيا، رهواسي پريشان

متاثر ٻهراڙين جي رهواسين جو گذر سفر جو ذريعو مزدوري، چوپايو مال ۽ گهرن ۾ ملازمت ڪرڻ آهي، 100 کان 200 سالن  کان آباد ٻهراڙين جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪنڊيدار تارون ۽ فيڪٽري جا رستا بند هجڻ سبب پاڻي ڀرڻ، ڪاٺيون ڪرڻ ۽ مال لاءِ گاهه ڪرڻ اچ وڃ ۾ عورتن کي تائين ڏکيائي ٿي رهي آهي، فيڪٽري جي سرگرمين سبب علائقي ۾ زرعي زمينون بنجر ٿي رهيون آهن ۽ چوپايو مال متاثر ٿي رهيو آهي، جيڪي مقامي ماڻهن لاءِ آمدني جو وڏو ذريعو آهن، اسپتال ويندڙ رستي تي به ڪنڊيدار تارون لڳايون ويون آهن، جنهن سبب مقامي ماڻهن کي سخت ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن،

گند ساڙڻ لاءِ سيپا کان منظوري ورتي آهي: آغاخاناسپتال انتظاميا

آغا خان اسپتال جي انتظاميا تصديق ڪئي آهي ته ان جي سڀني اسپتالن جو ميڊيڪل ويسٽ گڏاپ ٽائون جي فيڪٽري ۾ ساڙيو ويندو آهي، اسپتال انتظاميا موجب اهو عمل سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي (سيپا) جي منظوري سان ڪيو پيو وڃي، انتظاميا دعويٰ ڪئي ته ان فيڪٽري مان نڪرندڙ دونهين جي صحت تي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ سيپا مان تصديق ٿيل ٿرڊ پارٽي هڪ ليبارٽري ذريعي ماحولياتي نگراني باقاعدگي سان ڪندي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته فيڪٽري جو ڪم اخراج ماحولياتي معيار (ايس اي ڪيو ايس) جي مقرر حد جي اندر آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.